Saturday , April 20 2024

نون سالن ۾ سنڌ جي ٿيل ڀينگ _ ماجد صديقي

ماجدصديقيMajid Sidiqi1

تقريبن نون سالن جي زرداري راڄ ۾ سنڌي ماڻهن بنگلي يا بنگلن، گاڏي يا گاڏين ۽ ٻئي پراپرٽي ٺاهڻ جي چڪر ۾ جيڪا پنهنجي زمين جي ڀينگ ڪئي آهي سا به تاريخي ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ سڄي سنڌي قوم اهڙي ڇت ڪتائي جي ور چڙهي ويئي آهي، جو کين خبر ئي ڪانه پئي پئي ته هو سڀ ملي ڪري اهڙي کڏ پيا کوٽين، جنهن ۾ هو نه ته سندن ايندڙ نسل ضرور منهن ڀر ڪرندا ۽ پنهنجن ئي ابن ڏاڏن جي پيدا ڪيل تباهي جو کاڄ ٿيندا۔ پنهنجي خصيص ۽ معمولي مفادن ماڻڻ لاء پنهنجي ئي زمين ۽ ان جي آئندي جو ٻيڙو ٻوڻڻ نري جهالت، ذلالت ۽ بيغيرتي کانسواء ڪجه به نه آهي۔ قومون صرف اهي زنده رهنديون آهن جيڪي پنهنجي مستقبل تي نظر رکنديون آھن۔اسان جهڙيون ڪوتاه نظر قومون ڀلي ڪهڙا به نعرا هڻن، اهڙي بدبودار وهنوار سبب سندن سوڀارو ٿيڻ ممڪن نه آهي۔ اها مايوسي نه حقيقت پسندي آهي، جنهن کي جيترو جلدي سمجهي پنهنجي ڪردار ۽ وهنوار کي ٺيڪ ڪري وٺجي اوٿرو بهتر ٿيندو۔

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *