Thursday , April 25 2024

نوشهرو فيروز ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

درياخان مري ۾ مارجي ويل ڀائر(فوٽو سوشل ميڊيا تان ورتل)

نوشهروفيروز (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ لَڙ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2سڳا ڀائر مارجي ويا، ٽن ڀائرن نديم وڙائچ، عبدالرزاق وڙائچ ۽ نجو وڙائچ ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران نديم وڙائچ فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن سڳن ڀائرن عبدالرزاق ۽ نجو وڙائچ کي قتل ڪري واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنهي مقتول ڀائرن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڀائرن ۾ زمين جي مامري تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران نديم وڙائچ فائرنگ ڪري عبدالرزاق ۽ نجو وڙائچ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي. هوڏانهن اسپتال ۾ مقتولن جي وارثن ۽ ڊاڪٽرز وچ ۾ پوسٽ مارٽم تان منهن ماري ٿيڻ ڪري بنا قانوني ڪارروائي جي لاش واپس گهر کڻائي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *