Thursday , April 25 2024

نوشهرو فيروز لا ڪاليج ۾ به شاگردياڻين کي جنسي طور هيسائڻ جو انڪشاف

نوشهروفيروز ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ لنجار جو ويجهو ساٿي ۽ نوشهرو فيروز لا ڪاليج جي پرنسپل بدرالزمان ڪمبوهه پاران به شاگرديانين کي مارڪون ڏيڻ جي لالچ ڏئي جنسي هيسائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر شاگردياڻي جي امڙ جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پوليس اڃا تائين پرنسپل خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. شاگردياڻي جي امڙ جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو پوليس بااثر پرنسپال کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي.نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي استاد پاران جنسي طور هيسائڻ واري معاملي کانپوءِ نوشهروفيروز لاڪاليج جي پرنسپال پاران شاگردياڻين کي جنسي طور هيسائڻ جو انڪساف ٿيو آهي. پرنسپال بدرالزمان ڪمبوهه پاران هڪ شاگردياڻي کي جنسي طور هيسائڻ جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ پوليس پاران ڪيل جاچ ۾ پرنسپال جي بيانن ۾ تضاد سامهون آيو.

اهڙي صورتحال کانپوءِ ايس ايس پي نوشهرو فيروز جي هدايتن تي پوليس پرنسپال بدرالزمان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. متاثر شاگردياڻي جي امڙ جو چوڻ آهي ته، پرنسپال سندس نياڻي کي هيسايو جنهن اها ڳالهه کين ٻڌائي، جنهن کانپوءِ هنن پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس پرنسپال خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن مان لڳي ٿو ته ٿاڻي جو ايس ايڇ او پرنسپال کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته نياڻين کي هيسائيندڙ لا ڪاليج جي پرنسپال  بدر الزمان کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *