Wednesday , April 24 2024

خان بهادر ڀٽي ڪير آهي،17 ڪروڙ ڪيئن سندس اڪائونٽ ۾ ويا؟؟

  نوشهروفيروز جو خان بهادر ڀٽي ڪير آهي،17 ڪروڙ ڪيئن سندس اڪائونٽ ۾ ويا؟؟ ضياءُالحسن لنجار کي ته ضرور خبر هوندي؟؟

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ خان بهادر ڏاهري جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 17 ڪروڙ رپيا ڪئين منتقل ٿيا ۽ ڪنهن منتقل ڪيا، جاچ مڪمل ڪري جلد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار جي ضمانت ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ضيا الحسن لنجار جي ضمانت ۾ 11 فيبروري تائين واڌ ڪندي نيب کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي .سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ ضياءُ الحسن لنجار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪري رهي هئي. ٻڌڻي دوران، اڳوڻو قانون وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار به عدالت آڏو پيش ٿيو. ضياءُ الحسن لنجار جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ڪنهن ٻئي عدالت ۾ مصروف هجڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿيو، فاروق نائيڪ پاران سندس جونيئر عدالت آڏو پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اسلام آباد ۾ مصروف هجڻ ڪري پيش نه ٿو ٿي سگهي.

عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ضيا الحسن لنجار خلاف ڪهڙي ڪارروائي هلي رهي آهي؟جاچ آفيسر عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته ضياءُ الحسن لنجار جي فرنٽ مين خان بهادر ڀٽي جي اڪائونٽ ۾ 17 ڪروڙ پبلڪ فنڊ جا پيسا ٽرانسفر ٿيا، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي دوائن جا 12 ڪروڙ رپيا به ساڳي شخص جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا، ان حوالي سان جاچ جاري آهي.عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها سموري رقم خان بهادر جي اڪائونٽ ۾ ڪيئن منتقل ٿي؟ اوهان کي 10 منٽ جو وقت ڏيون ٿا، تياري ڪري اچو ۽ سمورا تفصيل ٻڌايو ته اها رقم ڄاڻايل شخص جي اڪائونٽ ۾ ڪيئن منتقل ٿي.جاچ آفيسر چيو ته ضياءُ الحسن لنجار خلاف جاچ جاري آهي، مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ جمع ڪرائي ويندي، مٿس الزام آهي ته هن آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهيون آهن، جيڪي سندس آمدني جي سمورن ذريعن سان مطابقت نه ٿا رکن. عدالت ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، بعد ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته نيب جي جاچ آفيسر جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي چيو ته سمورا تفصيل ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيا ويندا.عدالت ضياءُ الحسن لنجار جي ضمانت ۾ 11 فيبروري تائين واڌ ڪرڻ سان گڏ نيب جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *