Friday , March 29 2024

نوري آباد وٽ ويگن سان حادثو، فيض گنج واسي سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر استاد اقبال مڱڻهار فوت

ڪراچي / فيض گنج ( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) نوري آباد ويجهو موٽروي تي مسافر وين حادثي جو شڪار، فيض گنج واسي سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر، پ ٽ الف اڳواڻ استاد اقبال مڱڻهار فوت ۽ ٻارڙن سميت 4 ڄڻا ڦٽجي پيا، استاد اقبال مڱڻهار جي فوتگي جي خبر پوڻ تي فيض گنج تعلقي ۾ ڏک جي لهر  ڇائنجي وئي آهي. ڪراچي کان ٺري ميرواهه ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري سبب اڳيان ويندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتي ۾ فيض واسي تعليمي ماهر استاد اقبال مڱڻهار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ عامر، محمد يوسف، اسد الله، طيبه، مسحب زخمي ٿي پيا، زخمين کي نوري آباد اسپتال متنقل ڪيو ويو. حادثي جي نتيجي ۾ فيض گنج واسي سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر استاد اقبال مڱڻهار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو، استاد اقبال مڱڻهار جو ڀاءُ گل فقير مڱڻهار ۽ ٻيا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ فيض گنج کان روانا ٿي ويا آهن. استاد اقبال مڱڻهار جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع بعد فيض گنج تعلقي جي پڪاچانگ، ڀنگو بهڻ، ڪرونڊي سميت سمورن شهرن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي.

استاد اقبال مڱڻهار جي لاڏاڻي تي سينئر استادن سيال حيات، استاد دودا خان مڱڻهار، استاد غلام رسول مڱڻهار، استاد محمد اشرف آرائين، گسٽا اڳواڻ اشرف خاصخيلي، صدام چانگ، خالد چانگ، معشوق چانگ، عظيم الدين شر، منور شر ڏک جو اظهار ڪيو آهي. استاد اقبال مڱڻهار جي لاڏاڻي تي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين، ڪامريڊ مرتضيٰ شر، تصور باقي، ارشاد لاشاري، ظهير احمد شر، ضياءَ اعواڻ ۽ ٻين تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، استاد اقبال مڱڻهار جو وڇوڙو نه ڀرجندڙ خال آهي.

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا ۾ مبتلا، گهر ۾ آئسوليٽ

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *