Friday , March 29 2024

نواز ليگ گارين جي برگيڊ تيار ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز به شامل ٿي ويا آهن: اعتزاز احسن

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري قانوندان ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نون ليگ گارين جي بريگيڊ آهي، وزيراعظم پاران گارين جي بريگيڊ جو حصو بڻجي ويا آهن جيڪو عمل انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به سمجهي ويو آهي ته پارٽي ۽ وزارتن جي فيصلن ۾ کيس اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته، ايندڙ عام چونڊن لاءِ نواز شريف ٽڪيٽس ان بنياد تي ڏيندو ته ڪهڙي اڳواڻ عدليه خلاف وڌيڪ ڳالهايو آهي ۽ ان لاءِ هُو ثبوت طور اخباري بيانن جون ڪٽنگز به وٺندو. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته، نواز شريف عداليه لاءِ “ مُنو ” ۽ فوج لاءِ  “ مني جو پيءُ ” جا لفظ چئي مخاطب ٿيندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي گارين جي بريگيڊ جو حصو بڻجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. ناليواري واري قانون دان چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز ن ليگ جي مامن ۽ چاچن تي وڏو دٻاءُ وڌو، وزيراعظم کي لڳي پيو ته معاملن ۾ کيس اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي.  سينيٽر اعتزاز احسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ۾ ڪنهن سياستدان عدالت خلاف احتجاج ناهي ڪيو،  نوازشريف ن ليگ جي ڪجهه مامن چاچن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي فارغ ناهن ٿيا اهي انهن جا گوڏا پڪڙيو ويٺا آهن. شاهد  خاقان ۽ ٻين  مامن چاچن کي ليگي ٽرڪ تان لاٿو ويو آهي، روڊ تي بيٺل شاهد خاقان ٻيهر ٽرڪ تي سوار ٿيڻ چاهي ٿو. اعتزاز احسن چيو ته ن ليگ جو ووٽ بينڪ نواز شريف ۽ مريم نواز وٽ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *