Friday , March 29 2024

نواز ليگ به سنڌ ۾ دمادم مست قلندر جو اعلان ڪري ڇڏيو..!!

وزيراعظم نوازشريف ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان گجاڻي دوران کين هدايت ڪئي آهي ته اُهي سڄي سنڌ ۾ وڃي عوامي رابطا مهم هلائي چونڊن جي ڀرپور تياري شروع ڪن.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ نواز ليگ سنڌ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسماعيل راهو، حاجي شيفع ڄاموٽ، نهال هاشمي، سورٺ ٿيٻو، ڊاڪٽر شام سندر، کيئلداس ڪوهستاني، ايم اين اي رميش لال ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

وزيراعظم نواز سريف جي صدارت هيٺ ٿيل نواز ليگ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته، وزيراعظم ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اندر به ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

نهال هاشمي جو چوڻ هو ته، وزير پارٽي جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته، سڄي سنڌ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ايندڙ عام چونڊن جي ڀرپور نموني سان تياري شروع ڪئي وڃي.

هن چيو ته ن ليگ سمورن صوبن ۾ سياسي پارٽين جي مئنڊيٽ جو احترام ڪري ٿي پر، جهموري نظام اندر سياسي سرگرميون ۽ عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيل نواز ليگ سنڌ جي اجلاس ۾، خواجا سعيد رفيق، نهال هاشمي، گورنر سنڌ محمد زبير به شرڪت ڪئي.

ٻي طرف وزيراعظم نواز شريف پاران گورنر هائوس ۾ سڏايل اجلاس ۾ ن ليگ سنڌ جي ڪيترن ئي اڳواڻن شرڪت نه ڪئي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ن ليگ سنڌ جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ناراض اڳواڻن شرڪت نه ڪئي.

اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ اڳواڻن ۾ ن ليگ سنڌ جو اڳوڻو صدر سيد غوث علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، لياقت جتوئي، غلام مرتضيٰ جتوئي ممتاز ڀٽو به اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *