Friday , March 29 2024

نواز-عمران جو سياسي مستقبل داءَ تي!_ الهه بخش راٺوڙ

rathore

پاڪستان جي سياست ۾ ڪو به استحڪام ناهي.سياسي اڳواڻن جون ڄنگهون ڇڪڻ جو سلسلو نه صرف اقتدار جي ايوانن مان جاري آهي، پر خود پارٽين جي اندر به اهڙا عنصر موجود آهن،جيڪي پنهنجي ئي قيادت کي پاسيرو ڪرڻ گهرن ٿا.اصل ۾ هي سياسي مفاد ۽ اهم پوزيشن جي حاصلات جو معاملو آهي.هن وقت نظر نه ايندڙ قوتن جو ڪردار جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي.اهي ادارا ماضي ۾ به سياست کي گدلو ڪري چڪا آهن، هاڻ وري نئين راند کيڏي پئي وڃي،جنهن سان ملڪ جي ٻن سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون هنبوڇيون ختم ٿي وينديون.پوءِ هو منهن ڀيلو ڪري ويٺا هوندا.!

اسلام آباد جي اقتدار جي ايوانن ۾ هي چوٻول عام آهن ته ممڪن آهي ته جي آئي ٽي جي رپورٽ کانپوءِ نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي ۽ هو حقيقي “گاڊ فادر” بڻجي وڃي.! پر ان سان گڏ عمران خان به خطري جي لڪير جي ويجهو آهي.آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت عمران خان پورو نٿو لهي.هن اثاثا ظاهر ڪرڻ وقت ڪوڙ ڳالهايو.ساڳي ڳالهه هن جي بني گالا سان به لاڳاپيل آهي.جڏهن ته نوازشريف ۽ عمران خان پاڪستان جا امير ترين شخص آهن، پر دولت ۽ ڌن ڪنهن ٻئي جي نالي تي آهي.ائين لڳي ٿو ته هي ٻئي Ghost Rich هجن.هنن جي اها ئي روش سندن خلاف بيڪ فائر ثابت ٿي سگهي ٿي.نوازشريف ۽ عمران خان جي سياسي مستقبل جي حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سکر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ان تاثر کي درست قرار ڏنو ته ڄاڻايل ٻئي اڳواڻ نااهل قرار ڏنا ويندا.هن مطابق“نوازشريف ۽ عمران خان جي خلاف ساڳي نوعيت جا ڪيس داخل آهن.ٻنهي جي مستقبل جو فيصلو به سپريم ڪورٽ ڪندي،بال اڳي پوءِ سپريم ڪورٽ ، جي ڪورٽ ۾ هوندو”! هن مطابق“ نوازشريف پيپلز پارٽي تي بهتان بازي ڪري رهيو آهي، پر هن جي آئي ٽي کي ڪجهه به نه ٻڌايو آهي.قطري شهزادو به نوازشريف جي ڪم نه آيو”! شاهه صاحب مطابق “قطر هر اوکي ويل ۾ پاڪستان جي ڪم آيو آهي، پر ان جي باوجود پاڪستان ان جي ڪم نه اچي رهيو آهي،انڪري وڏو مسئلو اسلامي ملڪن جو فوجي اتحاد آهي”. ٻئي طرف وري سعودي عرب، نوازشريف سان ملاقات دوران پڇيو ته “هو ڪنهن سان گڏ آهي؟ قطر سان يا سعودي عرب سان”؟ هي ساڳي ڳالهه ماضي ۾ پرويز مشرف کي آمريڪا، افغانستان تي حملي وقت چئي هئي.! تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي.!

Imran khan

سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته جيڪڏهن نوازشريف ۽ عمران خان ٻئي نااهل ٿي ويا ته پوءِ هڪ طرف پي ٽي آئي ۾ شاهه محمود قريشي جو نالو سامهون ايندو، جنهن تي پارٽي جي اندر وڏو جهيڙو ٿيندو،ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻين جي گوڊ بوڪ ۾ صرف شاهه محمود قريشي ناهي،پر اتي اڳوڻن جنرلن جا ٻار به موجود آهي، ان سان گڏ اهي به جيڪي ارب پتي آهن ۽ انهن جا لڳ لاڳاپا به پري پري تائين آهن. ساڳي طرح جي نوازليگ جي اندر به صورتحال آهي.اتي هڪڙا ته جنرلن جا مٽ مائٽ ويٺل آهن، ته ٻيا وري شريف خاندان جا مٽ مائٽ آهن، جن ۾ نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز جو به سياسي ڪيريئر اونداهو نه ٿيو آهي.اتي فيورٽ ته اسحاق ڊار آهي، پر شهباز شريف به وزير اعظم جي لاءِ ٽپو ڏئي سگهي ٿو.هي منظرنامون ٻنهي پارٽين لاءِ خطرناڪ هوندو.مائنس نوازشريف کانپوءِ عمران خان به ايجنڊا تي موجود آهي.ان سان گڏ پارٽين جي اندر جهيڙا جهٽا به جاري رکڻا آهن، انڪري هي اهڙي ويڙهه آهي، جيڪا اڻ کٽندڙ آهي.اهڙي صورتحال ۾ آصف زرداري يا ان جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري جو معاملو اڌ ۾ رهيل آهي.پيپلز پارٽي جو الميو اهو آهي ته اها لاڳاتار سياسي حمايت وڃائي رهي آهي ۽ اها عوامي رنگ کان محروم ٿي رهي آهي.هن پارٽي کي بيساکين تي ڪيستائين هلايو ويندو؟

nawaz sharif 1

موجودهه سياسي منظر نامي ۾ وڏو ڀونچال اچڻو آهي، ان سان وڏي تباهي جا به امڪان آهن.“ڪپتان” ريفري جو ڪردار ادا ڪيو ته نوازشريف ۽ عمران خان ٻئي ميدان کان ٻاهر ٿي ويندا،ائين جيئن جنرل وحيد ڪاڪڙ نوازشريف ۽ اسحاق خان کي گهر روانو ڪيو هو.هي سڀ ڪجهه انڪري ٿي رهيو آهي ته سياسي قيادت پنهنجي ٻانهه جي ٻل تي جيئڻ بدران ڪٺ پتلين جي سهاري تي آهي.هي ٻئي پارٽيون وري لڪل قوتن تي الزام مڙهي رهيون آهن ته اهي کين گهر ڀيڙو ڪرڻ گهرن ٿيون.هنن قوتن جا ايجنٽ ٻنهي ڌرين کي ساريا پيا آهن.

هن سموري صورتحال جي پٺيان جوڙ توڙ جو عمل به جاري آهي.تازو ئي سپريم ڪورٽ ۾ سول اداري انٽيليجنس بيورو جي سربراهه هي بيان ريڪارڊ ڪرايو ته “ايجنسي جي آئي ٽي ۾ شامل حڪومتي عملدارن جا ڪوائف يا انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي.آئي بي جو هي معمول جو ڪم آهي ته اها اهم معاملن تي معلومات گڏ ڪندي آهي”. هي ساڳيو ڪم سياستدانن جي حوالي سان به ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ وري مخالف ايجنسي سرگرم آهي.هينئر توڙي جو آئي بي جو سياسي ڪردار گهٽجي ويو آهي، ان جي باوجود ان کي فنڪشنل ڪيو ويندو آهي.ان وٽ مهارت موجود آهي، جنهن جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.آئي بي سربراهه جو هي بيان نوازشريف کي فائدي ڏيڻ بدران سياسي نقصان پهچائيندو.ان جو اهو به مطلب ورتو ويندو، خاص ڪري اهي قوتون جيڪي شريفن کي سبق سيکارڻ گهرن ٿيون،ته کين ايجنڊا ڏئي ڪري اهو ڪم ڪرايوپيو وڃي.سڀاڻي هي ساڳيو ادارو پاناما ڪيس جي شنوائي ڪندڙ ججن جي به جاسوسي ڪندو.ائين جيئن سپريم ڪورٽ جي اڳوڻن ججن رفيق تارڙ ۽ سندس بينچ جي ساٿين جا ٽيپ ريڪارڊ سامهون آيا هئا.انهن ججن نوازشريف کان پئسا وٺي ڪري محترما بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي سزا ٻڌائي هئي.هنن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل آڊيو ٽيپ منطر تي آيا، هي بدنام زمانه آپريشن مڊ نائٽ جيڪالز هو.!هاڻ جيڪڏهن جي آئي ٽي وزير اعظم هائوس جا فون ريڪارڊ ڪرائي ٿي، ته ٻئي پاسي وري جي آئي ٽي جي ريڪارڊ جا به اطلاع آهن ۽ انهن جا انگ اکر به سامهون اچي سگهن ٿا.چون ٿا ته نوازشريف جي پٽ جي تصوير ظاهر ڪرڻ وارو ڪم به هڪ اداري جي اهلڪار ڪيو هو، جنهن کي بدلي ڪري واپس موڪليو ويو.هاڻ رڳو ان جو نالو منظر تي اچڻو آهي.هي نظر نه ايندڙ قوتن جي راند آهي، جنهن جو شڪار نوازشريف ۽ عمران خان ٿي سگهن ٿا.عمران خان جي اثاثن جو معاملو به ان شخص عدالت تائين پهچايو، جيڪو پراڻو جماعتي آهي.هن جو به گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل آهي.سياسي قيادت کي جيڪڏهن واقعي عقل آهي ته اها ميچورٽي جو مظاهرو ڪري.ان سان گڏ پنجاب ۾ سويلين ۽ نان سويلين جو تضاد ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهيو آهي،ان جو شڪار سول قيادت کي ئي ٿيڻو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *