Thursday , April 25 2024

نواز شريف ۽ مريم نواز جو غيرمعمولي فيصلو،سزا ملڻ باوجود لنڊن مان اڄ ڏيهه پهچندو

لنڊن (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا مليل اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي نياڻي مريم نواز پاران انتهائي غير معمولي نوعيت جو فيصلو ڪندي سزا ملڻ باوجود وطن واپسي جو فيصلو ڪيو، نواز شريف سزا آيل پنهنجي نياڻي مريم نواز سان گڏ لنڊن مان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي، ابوظهبي ۾ ترسڻ بعد جمعي ڏينهن شام جو لاهور يا اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچندو.

عدالتي فيصلي کانپوءِ نيب ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪري ورتو هو، نوازشريف ۽ مريم نواز وطن واپسي لاءِ لنڊن جي هارلي اسٽريٽ کان هيٿرو ايئرپورٽ تان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي. نواز شريف ابوظهبي پهچڻ بعد اتي ترسيل آهي، جتان اڄ شام جو پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو. نواز شريف ۽ مريم نواز هيٿرو ايئرپورٽ روانگي کان اڳ اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز سان ملاقات ڪئي. نواز شريف ۽ مريم نواز پاڪستاني وقت موجب اڄ رات 12 لڳي 45 منٽن تي گڏيل عرب امارتن لاءِ روانا ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *