Saturday , April 20 2024

نواز شريف کي عهدي کان ڌار ٿيڻ جي ضرورت ناهي، جمعي ڏينهن منجهند 12 وڳي کان وزيراعظم جو عهدو خالي آهي: قانوني ماهر

Nawaz 1980Nawaz 19801

سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کان کانپوءِ پاڪستان جي وزيراعظم جو عهدو خالي آهي، سندس عهدي کان ڌار ٿيڻ واري اعلان جي ڪا به حيثيت ناهي رهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نواز شريف جي ناهل ٿيڻ واري مامري بابت سنڌسماءَچار کي آئيني ماهرن کان مليل ڄاڻ موجب، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نواز شريف ناهل ٿي ويو آهي ۽ هُو ان گهڙيءَ کان وزيراعظ۾ نه رهيو آهي جنهن وقت سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت صادق ۽ امين نه رهيو آهي، عهدي کان الڳ ٿي وڃي. آئيني مارهن موجب هاڻي اليڪشن ڪميشن پاران نواز شريف کي ڊي سيٽ ڪرڻ سميت ٻيو ڪو به نوٽيفڪيشن صرف خانا پوري برابر آهي.

آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت وزيراعظم جي ناهل ٿيڻ سان هاڻي ايم اين اي جي اهل نه رهيو آهي، پارٽي جو سربراهه بهه ناهي رهيو، ناهل ٿيڻ بعد نواز شريف پنهنجي ئي پارٽي مسلم ليگ ن جو بنيادي ميمبر به ناهي رهيو. نواز شريف هاڻي  صرف ۽ صرف ميان محمد نواز شريف ولد ميان شريف ئي رهيو آهي جيڪو هڪ ڪارخانيدار آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *