Thursday , April 25 2024

نواز شريف کانپوءِ شهباز،سندس خاندان ۽ اسحاق ڊار لاءِ نئون ڏچو

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) شريف خاندان جي خلاف پاناما پيپرز کانپوءِ ڪيسن کان بچي ويل شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار لاءِ نئون ڏچو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ حديبيه پيپرز ريفرنس کولائڻ جي لاءِ نيب جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 13 هين نومبر تي ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نيب جي شريف خاندان جي خلاف حديبيه پيپرز ملز فيصلي جي خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي لاءِ بينچ قائم ڪندي ٻڌڻي جي لاءِ تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي بينچ جو سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا هوندو، جنهن ۾ جسٽس دوست محمد ۽ جسٽس ميان مظهر خيل شامل آهن.

ان حوالي سان رجسٽرار آفيس نيب پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ نيب کي حديبيه پيپرز ملز جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيو هو، جنهن تي نيب خاطري ڪرائي ته هڪ هفتي اندر جواب داخل ڪرايو ويندو،عمران خان ۽ ٻين ڌرين جو به مطالبو رهيو ته نيب جي اپيل تي سپريم ڪورٽ جلدي ٻڌڻي ڪري. واضح رهي ته جسٽس آصف سعيد کوسا پاناما ڪيس ۾ پهرين ٻڌڻي جي مرحلي تي نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو. 20 سيپٽمبر  تي نيب سپريم ڪورٽ ۾ حديبيه پيپرز ملز جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي،جنهن ۾  استدعا ڪئي آهي ته هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي نيب کي حديبيه پيپر ملز جي جاچ جي اجازت ڏني وڃي.حديبيه پيپر ملز نالي سان نيب ريفرنس جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ داخل ٿيو هو، جنهن جي جاچ دوران شريف خاندان ٻاهر هليو ويو. 11 مارچ 2014ع تي لاهور هائيڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ شريف خاندان جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ ۽ جاچ بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

نيب پاران داخل ڪيل اپيل ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نيون شاهديون سامهون آيون آهن، جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، درخواست ۾ چيو ويو ته هن معاملي ۾ ڪجهه شيون ضروري آهي، جن جي نيب جاچ ڪرڻ چاهي ٿو. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪارروائي ڪري. جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن وچ ۾ ڪيس جو فيصلو ٽاءِ ٿيو هو. ان بعد ٽئين ريفري جج ڪيس ختم ڪرڻ جو چيو آهي. حديبيه پيپرز ملز ڪيس ۾ 25 اپريل 2000ع ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اعترافي بيان ۾ شريف ڀائرن لاءِ هڪ ڪروڙ 48 لک ڊالرن جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جو بيان ڏنو هو. آڪٽوبر 1999ع ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ ان وقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف نواز شريف جي خاندان خلاف ڪرپشن جا 3 ڪيس داخل ڪيا هئا، جن ۾ هڪ حديبيه پيپرز ملز ڪيس به شامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *