Saturday , April 20 2024

نواز شريف پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجي بيان جي وضاحت پيش ڪري: آصف زرداري

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) آصف زرداري چيو آهي ته نواز شريف جي ممبئي حملن بابت بيان سان دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي، وزيراعظم پارليامينٽ ۾ اچي نوازشريف جي بيان بابت وضاحت پيش ڪري، بلاول ۽ آصف زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ  جي مرڪزي اڳواڻن جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو به ورتو ويو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه نگران وزيراعظم جي امڪاني نالن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته نواز شريف جي ممبئي حملن بابت بيان سان دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي آهي، وزيراعظم پارليامينٽ ۾ اچي نوازشريف جي بيان بابت وضاحت پيش ڪري.بلاول هائوس ڪراچي ۾  ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ن ليگ پنهنجي چئن سالن دوران ڪوبه پرڏيهي وزير مقرر نه ڪيو، جنهن ڪري پاڪستان جو بيانيو دنيا قبول نه ڪري رهي آهي .پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ چيئرمين آصف زرداري جي صدارت ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه نگران وزيراعظم جي امڪاني نالن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني.اجلاس دوران غزا ۾اسرائيلي فورسز هٿان فلسطينين جي قتل عام جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريوويو ته اها فلسطينين جي حمايت ڪري. اجلاس ۾ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي چيو ويو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر ٿيندڙ قانون سازي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. اجلاس ۾ ٻين کانسواءِ  ايم اين اي فريال ٽالپر، شيري رحمان، سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙو،سيد نويد قمر، منظور وساڻ  ۽ سعيد غني شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *