Thursday , March 28 2024

نواز شريف پاران وطن واپسي اعلان، اچڻ جي تاريخ نه ٻڌائي

لنڊن ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سال سزا ٻڌائڻ واري فيصلي کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نواز شريف چيو آهي ته وطن واپس اچي رهيو آهيان، جيل ۾ به پنهنجي جدوجهد جاري رکندس. لنڊن ۾ پريس ڪانفرن ڪندي نوازشريف چيو ته بيگم ڪلثوم نواز کي هوش اچڻ سان ئي وطن واپس اچي ويندس، ووٽرز کي اپيل آهي ته 25 جولاءِ تي شينهن کي ووٽ ڏئي منهنجي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائين. هن چيو ته ووٽ جي چوري روڪرائڻ جي قيمت جيل آهي ته پوءِ آئون وطن واپس اچي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته آئون ۽ مريم نواز ڪنهن جي ها ۾ ها نه ٿا ملايون ۽ اسان ڪنهن جي خوشامد نٿا ڪريون ان ڪري سزا ٻڌائي وئي آهي.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مڪروهه راند جو حصو بڻجڻ وارا هڪ ڏينهن ضرور پڇتائيندا. نواز شريف جو چوڻ هو ته آئون ڪا به سياسي پناهه نه وٺي رهيو آهيان، فيصلي کانپوءِ مونکي جيڪي آئيني حق حاصل آهن اهي استعمال ڪندس. مون کي ڪنهن ڪرپشن ۽ سرڪاري ناڻي کي لٽڻ جي سزا نه ٻڌائي وئي آهي.

نون ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف چيو ته سرڪاري وڪيل ڪرپشن جو ڪو به الزام ثابت نه ڪري سگهيو آهي، اڄ جي فيصلي ۾ ناهي ٻڌايو ويو ته مون ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي. ميمبرن جو وفاداريون بندوق جي زور تي تبديل ڪرايون پيون وڃن، چونڊ اميدوارن کي نااهل ڪرايو ويندو آهي ۽ پارٽين کي چونڊ نشان کان محروم ڪيو  وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته اُهي ڪير هئا جن اسان جي ميمبرن جون وفاداريون تبديل ڪرايون ۽ انهن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو، ڪير هئا اهي ماڻهو جن بلوچستان مان اسان جي حڪومت ختم ڪرائي ۽ ڪير آهن اهي ماڻهو جن اسان جي اميدوارن کي جيپ جي نشان تي چونڊ وڙهڻ لاءِ زور ڀريو. جدوجهد ڪرڻ تي مون خلاف فتوائون ڏنيون ويون، ۽ اهڙي جدوجهد تي ڦاهي به ڏني ويندي آهي ۽ اهڙي جدوجهد تي غدار به قرار ڏنو وڃي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اهڙي قسم جا فيصلا منهنجي جدوجهد جو رستو نه ٿا روڪي سگهن، قوم آڏو وضاحت ڪريان ٿو ته پنهنجي جدوجهد جاري رکندس ۽ ان وقت تائين جدوجهد جاري رکندس جيستائين ملڪ ۾ رهندڙ عوام کي آزادي نه ٿي ملي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *