Friday , March 29 2024

نواز شريف واري ڪيس جي عمران خان جي ڪيس سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي: جسٽس فيصل عرب جو اضافي نوٽ

سپريم ڪورٽ جو جج، جسٽس فيصل عرب (سنڌسماءَچار فائيل)       

اسلام آباد (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار )سپريم ڪورٽ جي جسٽس فيصل عرب عمران خان نااهلي ڪيس جي فيصلي ۾ پنهنجي ڌار اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته، نواز شريف عوامي عهدن تي رهيو ۽ ان دوران سندس ملڪيتن ۾ واڌارو ٿيو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فيصل عرب پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان ڪيس جي حقيقت نواز شريف جي ڪيس کان مختلف آهي ان ڪري ٻنهي ڪيسن کي پاڻ ۾ نٿو ڀيٽي سگهجي. جسٽس فيصل عرب اضافي نوٽ ۾ چيو ته حقيقت اها آهي ته نواز شريف 30 سالن دوران ڪيترائي ڀيرا عوامي عهديدار رهي چڪو آهي، سندس ڪيس ۾ مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ مختلف ذريعن کان آمدني جا سنگين الزام آهن. جسٽس فيصل عرب چيو ته نواز شريف ناڻي وارو وزير، وڏو وزير ۽ وزيراعظم رهي چڪو آهي سندس ڪيس ۾ طئي ٿيو هو ته اهڙي شخص جو ايماندار، شفاف ۽ سٺي ساک جو هجڻ  ضروري آهي. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ سندس خاندان اثاثن جي ذريعن بابت تسلي جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو، سندس اثاثن ۾ لنڊن جا 4 فليٽ، العزيزيه اسٽيل فيڪٽري ۽ گلف اسٽيل مل شامل آهن.

جسٽس فيصل عرب اضافي نوٽ ۾ چيو ته نواز شريف جي اها ملڪيت سندس عهدي تي اچڻ کان اڳ نه هئي، ان ملڪيت ۾ 840 ملين رپين جا مليل تحفا به شامل آهن. جي آءِ ٽي جاچ مان معلوم ٿيو ته نواز شريف ڪيپيٽل ايف زيڊ اَي جو چيئرمين هو ۽  اتان کيس 10 هزار درهم پگهار ملندي هئي، جاچ مان خبر پئي ته ايف زيڊ اي 2003 کان 2014 تائين ڪم ڪندي رهي ۽ نواز شريف اها ملڪيت ظاهر نه ڪئي. سپريم ڪورٽ اِهو چيو ته گڏيل عرب امارتن جي قانون تحت سمورن ملازمن کي آن لائن پگهار ملي ٿي، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته نواز شريف عوامي عهدي تي رهندي پگهار لڪائي، جيڪا بد ديانتي آهي. جسٽس فيصل عرب اضافي نوٽ ۾ چيو ته عمران خان جو لنڊن فليٽ اين ايس ايل تحت حاصل ڪيو ويو، اهو فليٽ ٽيڪس جي ادائگي سان گڏ صاف سٿري رقم سان خريد ڪيو ويو، عمران خان ڪيس ۾ لنڊن فليٽ جي ملڪيت 2002 جي چونڊن ۾ ظاهر ڪئي وئي. پاناما ڪيس ۾ خرچ نه ڪيل رقم کي ظاهر نه ڪرڻ تي نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *