Friday , April 26 2024

نواز شريف نيٺ “مجهي ڪيون نڪالا” بابت ٻڌائي ڇڏيو….

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن جو سبب مونکي وزير اعظم هائوس مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ مشرف خلاف ڪارروائي کان روڪڻ هو، مونکي پنهنجي ئي ماتحت اداري جي ملازم هٿان نياپو ڏياريو ويو ته استعيفيٰ ڏيان يا ڊگهي موڪل تي هليو وڃان، آصف زرداري مشرف جي آمريت کي توثيق ڏيڻ جو چيو پر مون انڪار ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوازشريف نيب عدالت ۾ پڙهيل بيان ٻڌائيندي چيو ته آصف علي زرداري جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پرويز مشرف جي ٻي مارشل لا کي پارليماني واڌ ڏني وڃي پر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو ئي منهنجي اصل ڏوهه جو بنياد آهي، اهڙا ڏوهه ۽ ڏوهاري توهان کي پاڪستان ۾ هر هنڌ ملندا. نواز شريف چيو ته هڪ ڳُجهي اداري جي آفيسر جو پيغام پهچايو ويو ته عهدي تان استعفيٰ ڏيان يا ڊگهي موڪل تي هليو وڃان، کيس ان ڳالهه جو ڏک ٿيو ته ماتحت اداري جي ملازم مون تائين اهڙو پيغام پهچايو .

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جنوري 2014 ۾ پرويز مشرف عدالت لاءِ نڪتو ته طئي ٿيل منصوبي جي تحت اسپتال پهچي ويو ۽ پُراسرار بيماري جو بهانو بڻائي ڪيس کان پاسيرو ٿي ويهي رهيو، انصاف جي تخت تي ويٺل جج مشرف کي هڪ ڪلاڪ لاءِ به جيل نه موڪلي سگهيا.هن چيو چيو ته 2014 جي ڌرڻن جو مقصد مونکي دٻاءُ ۾ آڻڻ هو، جيڪو ڪجهه ٿيو قوم جي سامهون آهي، هاڻي اهي ڳالهيون ڪي لڪيل راز ناهن رهيون. نواز شريف چيو ته پي ٽي وي، پارليامنٽ، وزير اعظم هائوس ۽ ايوانِ صدر ۾ شرپسند عنصرن جي سبب ڪجهه محفوظ نه رهيو، مقصد هو ته مونکي پي ايم هائوس مان ڪڍيو وڃي، ته جيئن پرويزمشرف جي خلاف ڪاروائي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿئي. مون مٿان لشڪر ڪشي ڪري پيغام ڏيڻ جو مقصد هو ته مشرف تي غداري ڪيس هلائڻ ايترو سولو ناهي ۽ ڊگهي موڪل وارو مطالبو ان تاثر جي بنياد تي هو ته نواز شريف کي رستي تان هٽايو وڃي، آمريت ملڪ کي گهرا زخم ڏنا آهن. پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ن ليگ جي تاحيات نااهل ٿيل اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته، ڪاش هتي لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو روح طلب ڪري سگهجي ها ۽ انهن کان پڇا ڪئي وڃي ها ته توهان سان ڇا ٿيو، کين آئيني مُدت ڇو نه پوري ڪرڻ ڏني وئي. نواز شريف چيو ته توهان سينيئر ججن کي گهرائي پڇي سگهو ٿا ته هو ڇو هر مارشل لا کي ڀيلڪار چوندا رهيا، ڪاش اڄ توهان جيئري جرنيل کي گهرائي پڇي سگهو ها ته هن آئين سان دوکو ڇو ڪيو. نااهلي ۽ پارٽي صدارت تان هٽائڻ جي سببن کان پوري قوم واقف آهي، جڏهن ته شاهد مون خلاف ڪي به چٽا ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. نواز شريف چيو ته فريادي منهنجي خلاف ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا، مونکي پنهنجي بچاءُ ۾ شاهديون پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.اڳوڻي وزير اعظم چيو ته هٿياربند فوج کي عزت ۽ احترام واري نظر سان ڏسندو آهيان، فوج جي ڪمزوري ملڪي بچاءُ جي ڪمزوري هوندي آهي، فخر جي لائق آهن اهي جوان، جيڪي سرحدن تي پنهنجا قومي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *