Friday , April 19 2024

نواز شريف ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙا پيو هڻي: بلاول

zardari & bilawal

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙا هڻي هڪ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، کيس وفاق کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي مدد سان کيس اقتدار مان ڪڍي ڇڏينداسين.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي تحت پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي پسند ملڪ بڻائي ڏيکارينداسين.

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري هڪ ڊڪٽيٽر ملڪ کي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ ۽ ملڪ کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو.

هن چيو ته جڏهن ۽ جتي به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو ورتو ويندو آهي ته غريب ۽ محڪوم ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن.

سينيٽ چيئرمين کي کٽرائڻ جيان ايندڙ وزير اعظم به پ پ جو چونڊائيندس: آصف زرداري

PC Zardari

اڳوڻي صدر زرداري جلد ڊويزن سطح تي جلسا ڪري سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، جيئن سينيٽ جو چيئرمين چونڊرايو ائين ئي ايندڙ حڪومت پ پ جي ٺاهي اوهان کي پارٽي جو وزيراعظم چونڊرائي ڏيندس، پ پ ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرين جي سربراهه آصف علي زرداري چيو ته، اسان  نه اڳ ڪنهن کان ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، پيپلز پارٽي ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

نواز شريف ملڪي ترقي جا منصوبا نه ٿو ٺاهي سگهي، اسان کي پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار آهي، پر اهو به سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ ڪڏهن انصاف نه ٿيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته، هُن جهڙي طرح سينيٽ جو چيئرمين چونڊرايو هو اهڙي طرح ايندڙ حڪومت ٺاهي عوام کي پيپلز پارٽي جو وزيراعظم چونڊرائي ڏيندس.

آصف زرداري جو چوڻ هو ته، هُو صرف 15 ڏينهن پنجاب ۾ رهيو ته ڪاغذي شينهن ۽ بيٽ وارن جي حالت خراب ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *