Thursday , March 28 2024

نواز شريف مني ٽريل ٻڌائي ته معاملو ختم ٿي ويندو: پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)  پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري نوازشريف جي الزامن ۽ دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاناما ڪيس جي ڪري رڳو نوازشريف ئي نه پر آئيس لينڊ جي وزيراعظم کي به گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو، اصغر خان ڪيس ۾ نوازشريف آءِ جي آءِ ٺهرائڻ لاءِ پئسا ورتا، نوازشريف هر ڳالهه ٻڌائي پر پنهنجي مني ٽريل نه پيو ٻڌائي، پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته نوازشريف جي الزامن ۽ دعوائن جي جاچ ڪرائي وڃي، نوازشريف اهو ٻڌائي ته مشرف کي ٻاهر ڪيئن وڃڻ ڏنو ويو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف کي پنهنجي کنيل قدمن تي ڪو به ڏک نه آهي، هن جو مقصد رڳو پنهنجي ملڪيت کي بچائڻ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ضياءَ الحق خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهايو، نواز شريف ڪونسلر جي چونڊ به نه وڙهي سگهيو کيس پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي روح کي موقعو ملي ته اهي سرڪاري وڪيل جا سڀ کان وڏا شاهد بڻجي نوازشريف خلاف بيان ڏين. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ٻين لاءِ وڏو جج ۽ پنهنجي لاءِ سٺو وڪيل بڻيل آهي، کيس پنهنجي ڪيل ڪم تي ڪو به افسوس نه آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته نواز شريف جو مقصد رڳو پنهنجي ملڪيت بچائڻ آهي، کيس ملڪ سان محبت هجي ها ته 300 ارب رپيا پرڏيهه کڻي نه وڃي ها.

پي ٽي آءِ ترجمان جو ڍوڻ هو ته، نوازشريف جو قانوني بيانيو ڪهڙو آهي، اها ڳالهه اڇا تائين ڪنهن کي به سمجهه ۾ ناهي آئي. قانوني طور تي ٻه بنيادي سوال پڇيا ويا، ايون فيلڊ ڪهڙي ذريعي سان آيا ۽ 3 سئو ارب ڪٿان آيا. نوازشريف مني ٽريل تي ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ نه پيسن جو ذريعو ٻڌايو آهي، هن رڳو اهي ڳالهيون عدالت ۾ ڪيون جيڪي جلسن ڪندو آهي. نوازشريف عدالت ۾ سياست جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو کيس نقصان ڀوڳڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته بهتر ٿئي ها ته نوازشريف قانوني ڪيس قانوني طريقي سان وڙهي ها ۽ سياست کي پري رکي ها.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *