Wednesday , April 17 2024

نواز شريف لاءِ نئون ڏچو، قطر جي حڪومت شهزادي جي خط کان لاتعلقي ظاهر

qatar emasdorPM Nawaz

وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ پاناماڪيس ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو آهي، جنهن ۾ قطر جي پاڪستان ۾ مقرر سفارتڪار  سڪر المبارڪ المنصوري پنهنجي هڪ بيان ۾ قطري شهزادي پاران سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل خط  کان چٽيءَ طرح لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سڪر المبارڪ المنصوري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ”قطري شهزادي پاران سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جيڪو خط پيش ڪيو آهي، ان سان قطر جي حڪومت جو ڪو به واستو وڙُ نه آهي ۽ ان خط کي قطر جي حڪومت سان نه ڳنڍيو وڃي ۽ نه ئي وري ان کي قطر حڪومت جو ڪو فيصلو سمجهيو وڃي“.

قطر جي سفارتڪار سڪ المبارڪ المنصوري جي اهڙي بيان بعد قطري شهزادو ته پريشان ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، پر ان سان گڏ وزيراعظم جي خاندان لاءِ به هڪ انتهائي منجهائيندڙ صورتحا پيدا ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *