Thursday , April 25 2024

نواز شريف جي سومر تي صبح نائين وڳي لنڊن وڃڻ جون تياريون مڪمل، ٽڪيٽ به پڪي

نواز شريف سومر  تي صبح نائين وڳي لنڊن هليو ويندو، 27 نومبر واپسي جي ٽڪيٽ به پڪي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف يارهين نومبر تي صبح جو نائين وڳي لنڊن روانو ٿي ويندو، قطر ايئر ويز جي اڏام ۾ ٽڪيٽ حاصل ڪئي وئي آهي، نواز شريف جي واپسي جي ٽڪيٽ به پڪي ٿي وئي آهي. ڪرپشن ريفرنسز ۾ سزا ڪاٽيندڙ اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ 11هين نومبر سومر ڏينهن صبح جو لنڊن هليو ويندو، نواز شريف سان گڏ سندس ذاتي ڊاڪٽر عدنان به نواز شريف سان گڏ لنڊن ويندو. قطر ايئرويز جي اڏام ڪيو آر 926 يارهين نومبر سومر ڏينهن صبح جو 9 لڳي 5 منٽن تي لنڊن روانگي ٿيندي. قطر ايئرويز جي اڏام ۾ نواز شريف جي بزنس ڪلاس ۾ ٽڪيٽ تي واپسي جي تاريخ 27 هين نومبر آهي، نواز شريف سان گڏ سندس ذاتي ڊاڪٽر عدنان کانسواءِ شحباز شريف به گڏ هوندو. وفاقي گهرو وزارت نواز شريف جو نالو اڃا تائين اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو، ان باوجود ايڊوانس بڪنگ ڪرائي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف جو نالو اي سي مان ڪڍڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آحن صرف نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ رهجي ويو آهي، جيڪو سومر ڏينهن صبح جو يا وري هنگامي بنيادن تي 10هين نومبر تي جاري ڪيو ويندو، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪنهن به قانوني مونجهاري کان بچڻ لاءِ اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن 8 يا وري خاص حالتن ۾ 9 نومبر جي تاريخ به ڏيکاري سگهجي ٿي. شريف ڪٽنب، ڊاڪٽر عدنان ۽ شريف ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڊاڪٽرن نواز شريف جي پرڏيهه روانگي لاءِ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پير شاهه محمود قريشي! ڪرتارپور- گريٽر پنجاب آهي تصوف نه….. اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *