Wednesday , April 24 2024

نواز شريف جي نيب حراست ۾ طبيعت خراب، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

نواز شريف جي نيب حراست ۾ طبيعت خراب، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سروسز اسپتال لاهور داخل

لاهور/ اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظ۾ ۽ نون ليگ جي سربراهه نواز شريف جي لاهنور ۾ نيب حراست دوران طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي، نواز شريف جي رت ۾ پليٽيليٽس جو انگ انتهائي گهٽجي 13 هزار 500 رهجي ويو آهي، ڊنيب ٽيم کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرائي ورتو آهي. نواز شريف جي سومر رات جو 8 وڳي ڌاري اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد سندس ذاتي ڊاڪٽر کيس اسپتال داخلل ڪرائڻ جو چيو پر نيب کيس منتقل نه ڪيو. جنهن کانپوءِ اپوزيشن ليڊر شحباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، جيڪڏهن کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار عمران نيازي هوندو. جنهن کانپوءِ نون ليگ جا سوين ڪارڪن نيب هيڊڪوارٽرز لاهور ٻاهران پهڍي ويا ۽ ملتان روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. نوازشريف جو چيل اپ ۽ سمورين ضروري رپورٽس جو جائزو وٺڻ بعد اڳتي جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوازشريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ساڻس ملاقات بعد ٻڌايو ته نوازشريف جي پليٽيليٽس جو انگ 16 هزار رهجي ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي يا تيز بخار ۾ پليٽيليٽس گهٽجي ويندا آهن.

ان کان اڳ نوازشريف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف ن ليگ جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، نيب آفيس لاهور آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو، اسپتال منتقلي بعد ليگي ڪارڪن وڏي انگ سروسز اسپتال به پهتا ۽ نوازشريف جي حق ۾ نعرا هنيا. ان کان اڳ بيان جاري ڪندي نواز ليگ جي صدر ميان شهبازشريف چيو هو ته نوازشريف جي سرڪاري طبي رپورٽس ۾ سنگين خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، خطرناڪ نشانيون ظاهر ٿيڻ باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه پيو ڪيو وڃي. شهبازشريف جو چوڻ هو ته انتهائي نازڪ صورتحال باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ بي حسي ۽ بدترين سياسي انتقام واري پاليسي آهي. شهبازشريف خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته عمران نيازي کي قاتل قرار ڏنو ويندو. هن چيو ته عوام جي حقن لاءِ وڙهندڙ قائد لاءِ هر خطري کي منهن ڏئي وينداسين. نون ليگ جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي بيماري کي حڪومت انتهائي غيرسنجيدگي سان ورتو آهي، سندس طبيعت انتهائي ناساز آهي، نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته، کيس خدشو آهي ته حڪومت جي سياسي انتقامي ذهنيت سبب خدا نه ڪري نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار سڄي حڪومت خاص طور تي عمران نيازي هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *