Friday , March 29 2024

نواز شريف جي طبيعت انتهائي ناساز،ڪئنسر هئڻ جي تصديق،ايندڙ 72ڪلاڪ اهم قرار

نواز شريف جي طبيعت انتهائي ناساز، اسپتال جي ذريعن پاران نواز شريف کي ڪئنسر هئڻ جي تصديق،ايندڙ 72ڪلاڪ اهم قرار

اسلا آباد / لاهور ( خصوصي رپورٽرز  سنڌسماءَچار) نيب جي حراست ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبيعت انتهائي ناساز ٿي وئي آهي، ايندڙ 72 ڪلاڪ اهم ٻڌايا پيا وڃن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي به سنجيدگي سان ويچاريو پيو وڃي. سروسز اسپتال لاهو ۾ داخل اڳوڻي وزيراعظم ۽ نون ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف جي طبيعت ۾ ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، رت جي اڇن جزن جا 5 يونٽس لڳائڻ باوجود سندس پليٽ ليٽس هڪ ڀيرو وري 20 هزارن مان گهٽجي 7000 تائين پهچي ويا ويا آهن. ڊاڪٽرز جي تجويز تي ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي کي خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي مان لاهور گهرائي نواز شريف جي طبي چڪاس ڪرائي ميڊيڪل رپورٽس به ڏيکاريون ويون آهن. اسپتال جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي مان خصوصي طور تي گهرايل ماهر ڊاڪٽر طاهر شمسي نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جو لڳ ڀڳ 4 ڪلاڪن تائين معائنو ڪيو، رپورٽون ڏسڻ کان اڳ ۽ پوءِ هن نواز شريف جو معائنو ڪيو ۽ سندس ڪجهه مخصوص قسم جون 2 ٽيسٽون ڪيون.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب نواز شريف جي صحت ۽ سندس سزا جي معطلي يا وري کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ بابت شهباز شريف جون اعليٰ سطحي رابطا هلندڙ آهن، شهباز شريف رابطن دوران نوازشريف کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ لاءِ به اعليٰ سطحي شخصيتن سان ڳالهيون ڪيون آهن. ذريعن جي دعويٰ موجب اها شخصيت وزيراعظم ناهي ۽ نه ئي وري شهباز شريف جي سڌي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پر وچ واري هڪ شخصيت اعليٰ سطحي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان شخصيت جا نواز شريف سان لڳ ڀڳ گذريل 35سالن کان گهرا لاڳاپا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق نواز شريف پرڏيهه وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڳالهه هن پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف تي واضح ڪري ڇڏي آحي، باقي علاج لاءِ ضمانت تي آزادي بعد مرضي سان پاڪستان ۾ علاج ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ شهباز شريف کي قانوني دڳ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهباز شريف 24ڪلاڪن اندر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندو، جنهن تي فيصلو به ڇڇنر يا ان کان اڳ به اچي سگهي ٿو.  ٻئي طرف اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر طاهر شمسي نواز شريف کي بلڊ ڪئنسر هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ اڄ سندس ڪيموٿراپي ڪرائڻ جو بندوست ڪيو ويو آهي، پر اهو سندس پوري جسم جي مڪمل اسڪيننگ ڪري ان جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي ڪيو ويندو.

ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا، ملڪ رياض جي ناٺي کان ڏوڪڙ ورتا، ريفرنس داخل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *