Thursday , March 28 2024

نواز شريف جي سزا معطل ٿيڻ تي پ پ ورهائجي وئي

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوني وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ ۽ ناٺي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري حڪم کانپوءِ پ پ پ قيادت ۽ اڳواڻن جي بيانن ۾ تضاد سامهون آيو آهي، ان معاملي تي  پ پ قيادت ورهايل نظر اچي رهي آهي. نواز شريف جي آزادي بابت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، شريف ڪٽنب کي ماضي جيان رليف مليو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق بلاول جوچوڻ هو ته، پ پ پ هميشه عدليا جو احترام ڪوي آحي ۽ ان جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي آيل سزائون معطل ۽ ضمانت تي آزاد ٿيڻ بابت بلاول جو چوڻ هو ته، نوازشريف ۽ سندس خاندان کي رليف ڏنو ويو آهي. ان ئي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه عدالتي فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته، نواز شريف جي سزا معطل ٿيڻ ۽ آزادي سان پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ۽ جمهوريت کي فائدو ٿيندو.مان اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف، مريم نواز، پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اسلام آباد هائي ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ادارن کي انفرادي طور پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ گهرجن.  پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائرا تبصرو ڪندي چيو ته عدالت جو فيصلو آهي، سڀني کي مڃڻ گهرجي. هن چيو ته نيب عدالت جڏهن سزا ٻڌائي هئي تڏهن به اندازو هو ته هائي ڪورٽ ضمانت ڏئي ڇڏيندي.قمر الزمان ڪائرا اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف کي هميشه ريليف ملندو رهيو آهي، هاڻ به ملي ويو. هن چيو ته ڪمزور انويسٽي گيشن سبب هميشه طاقتور بچي ويندو آهي، هن چيو ته تفصيلي فيصلو ايندو ته خبر پوندي ته ڪهڙن نقطن تي ريليف ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *