Tuesday , April 23 2024

نواز شريف جي حمايت ۾ حاصل بزنجو به ميدان ۾ اچي ويو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل قرار

Hasil Bezanjo 2

ڪراچي: بلوچ قومپرست اڳواڻ مير حاصل بزنجو جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته 60 جي ڏهاڪي کان پاڻي جا نلڪا به اتفاق فائونڊري جا ٺهيل هوندا هئا، پاڪستان ۾ ڪير به صادق امين ناهي.

وفاقي وزير ۽ بلوچ قومپرست اڳواڻ مير حاصل بزنجو چيو آهي ته، جي آءِ ٽي رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن عوامي مئنڊيٽ کان انڪار ڪيو ويو ته عوام جو رياست تان ئي اعتبار کڄي ويندو، پاڪستان ۾ ڪو به صادق امين نه ملندو.ڪراچي ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ سيد شاهه محمد شاهه جي گهر تي پريس ڪانفرنس ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مير حاصل خان بزنجو چيو ته پاناما ڪرپشن نه پر سياسي ڪيس آهي، جي آءِ ٽي پاران جوڙيل رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل آهي.

حاصل بزنجو چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي، کيس گهرجي ته موجوده صورتحال کي سياسي طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مير حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عوامي مينڊيٽ  کان انڪار ڪيو ويو ته رياست تان اعتبار کڄي ويندو، موجوده حڪومت کي ڪمزور ڪيو ويو ته ان جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا ۽ ان جو نقصان جمهوري نظام کي پهچندو.

اسان کي 1960 واري ڏهاڪي ۾ به ملڪ جي وستي واهڻن ۾ پاڻي جا نلڪا به اتفاق فائونڊري جا ملندا هئا، شريف ڪٽنب ملڪ جو پراڻو ڪاروباري خاندان آهي، ان خلاف جي آءِ ٽي پاران ڪيل جاچ ڪرمنل ڪيس جهڙي جاچ ڪئي وئي آهي جيڪو عمل سياسي قوتن خلاف نقصان ڪار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي لاڳو ڪيو ويو ته ان تحت ملڪ ۾ ڪير به صادق ۽ امين نه ملندو، اهي آرٽيڪل جنرل ضياءَ جي سياسي ڌرين مٿان هڪ تلوار رکي وئي جنهن جو استعمال اڃا تائين صرف ۽ صرف سياستدانن خلاف ئي استعمال ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *