Saturday , April 20 2024

نواز شريف ادارن سان ٽڪراءَ جو عادي آهي، ججز سان ڦڏو ڪندو: شيخ رشيد

Pm-Nawaz Jhang 01Sheikh Rasheed

نواز شريف ادارن سان ٽڪراءَ جو عادي آهي، هاڻي به جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ بعد ججز سان ڦڏو ڪندو

اسلام آباد: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف شروع کان ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ جو عادي آهي، هاڻي به هو سپريم ڪورٽ جي ججز سان ڦڏو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان پهرين ڏينهن کان چوندا پيا اچئون ته، آف شور ڪمپنين جي بينفيشري / مالڪياڻي آهي ۽ هاڻي جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون اچي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ مان اڃان پاڻ ناهي پڙهي پر هن وقت تائين جي آءِ ٽي جي رپورٽ جا جيڪي به حصا ميڊيا جي ذريعي سامهون آيا آهن انهن ۾ مريم نواز ئي پاناما آف شور ڪمپنين جي مالڪياڻي / بينيفشري آهي.

شيخ رشيد موجب قطري شهزادي چئي ڇڏيو آهي ته هو پاڪستاني قانون تحت ناهي. هن چيو ته پاناما ليڪس ڪيس حڪومت نه پر شريف خاندان خلاف آهي. سندس چوڻ هو ته قطري شهزادي کي پيش ڪرڻ شريف خاندان جي ذميواري آهي. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن شريف خاندان پڪڙجي پيو آهي ۽ سندس ڪرپشن عوام آڏو اچي وئي آهي، هاڻي جيڪڏ کيس سوگهو ڪيو وڃي ته چوريءَ جو سمورو سامان هٿ اچي ويندو.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *