Friday , March 29 2024

نواز شريف احتساب عدالت آڏو پيش، 5 منٽن اندر واپس روانو

NAB stillNawaz Sharif PM 2

اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاناما ڪيس ۾ نااهل ٿيل نواز شريف ڪرپشن جي مختلف ڪيسز ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. احتساب عدالت ۾ پيشي جي ڪجھ ئي منٽن کانپوءِ انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ واپس پنجاب هائوس واپس هليو ويو.

اسلام آباد مان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ لڳ ڀڳ 5 منٽ موجود رهيو، جنهن بعد واپس روانو ٿي ويو. نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيشي لاءِ انتهائي سخت سيڪيورٽيءَ ۾ روانو ٿيو ۽ سندس دڳ وارو رستو ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ايندڙ ويندڙ دڳ به مڪمل طور تي بند ڪيا ويا هئا، جنهن جي نتيجي شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو. ڪيرائي شاگرد اسڪولز نه پهچي سگهيا ۽ آفيسز لاءِ ويندڙ ملازم به پريشان رهيا جيڪي وقت تي آفيسز تائين نه پهچي سگهيا. نواز شريف جي قافلي ۾ موجود موبائل جيمرز گاڏين جي نتيجي ۾ ڀرپاسي ۾ موبائل فونز جو نيٽ ورڪ پڻ سخت متاثر رهيو. نواز شريف جي عدالت ۾ پيشي دوران سندس سيڪيورٽي جي نالي تي شاهانا انداز وارو پروٽوڪول ڏنو ويو، سندس قافلي ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، پارٽي جي اهم اڳواڻن جي گاڏين سميت لڳ ڀڳ 70 گاڏيون قافلي ۾ شامل هيون، نواز شريف ۽ سندس سيڪيورٽي جي نالي يتي شاهانا پروٽوڪول جي گاڏين کان سواءِ رستي تي ڪنهن ٻي گاڏي ته پري جي ڳالھ پکي کي اڏامڻ جي اجازت نه هجڻ جهڙي سيڪيورٽي مهيا ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *