Saturday , April 20 2024

نوازشريف خلاف ڪرپشن ريفرنس جو فيصلو، احتساب عدالت جي سيڪيورٽي جو پلان تيار

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ واري ڏينهن احتساب عدالت جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته، سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي، جج محمد ارشد به ڇنڇر ۽ آچر جون موڪلون ختم ڪري فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ احتساب عدالت اسلام آباد  جي جج ارشد ملڪ  ايس ايس پي اسلام آباد سان هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪري 24 ڊسمبر تي نوازشريف جي خلاف العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس جي فيصلي وقت سيڪيورٽي وڌائڻ تي ويچاريو ويو. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ۽ ايس ايس پي جي وچ ۾   جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ملاقات ٿي .ان موقعي تي نوازشريف جي خلاف ريفرنسز جي فيصلي واري ڏينهن سيڪيورٽي وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايس ايس پي اسلام اباد  جج کي ٻڌايو ته فيصلي واري ڏينهن ڪنهن به اڻ لاڳاپيل شخص کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ميٽنگ ۾ اسلام آباد جي ڊي سي ، احتساب عدالت جي جج کي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. عدالت نوازشريف جي خلاف ٻنهي ريفرنسز جو فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ عدالتي عملي جي ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل به بند ڪري ڇڏي آهي. اطلاع مطابق  24 ڊسمبر تي اڳوڻو وزير اعظم نوازشريف پاڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ موجود هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *