Thursday , March 28 2024

نوابشاهه ۾ ڌماڪو، شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڀاءُ مرڻينگ

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نوابشاهه جي شگر ملز روڊ تي ڌماڪي ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ۽ ۽ پروفيسر پاران مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڀاءُ مرڻينگ، اسپتال داخل، پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ڪراچي واسي هڪ ڄڻو ڀڄي ويو زوهيب جمالي پنهنجي ابتدائي بيان ۾ چيو آهي ته استاد سان گڏ وڃي رهيو هيس ته رستي ۾ پيل بيگ کڻڻ سان ڌماڪو ٿيو، ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ چيو آهي ته ڌماڪو علائقي ۾ دهشت ڦهلائڻ لاءِ ڪيو ويو، ڌماڪو ڪريڪر جو هجڻ ڪري نقصان گهٽ ٿيو آهي، زخمي کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪري رهيا آهيون، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، فرزانا جمالي جي ڀاءُ کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. شگر ملز روڊ تي رات جو دير سان ڌماڪي جي نتيجي ۾ بينا طور هيسائڻ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي جو ڀاءُ زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ جو چوڻ آهي ته  زخمي ٿيل نوجوان جي هٿ ۾ ڌماڪيدار مادو هو، جيڪو ريلوي ٽريڪ ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو آهي، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ ايس ايس پي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. شگرمل روڊ تي ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي جو ڀاءُ ذوهيب جمالي زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ۽ زخمي ٿيل نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو.

ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ذوهيب جمالي جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي استاد عارف سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته رستي تي پيل هڪ بيگ مليو، جنهن جي کڻڻ سان ئي زوردار ڌماڪو ٿيو. واقعي بابت  ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ چيو ته زخمي ٿيل نوجوان جي هٿ ۾ ڌماڪيدار مادو هو جيڪو ريلوي ٽريڪ ڏانهن کڻي وڃي رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد وڌيڪ چيو ته نوجوان زخمي حالت ۾ اسپتال داخل آهي، سندس چڪاس ڪئي پئي وڃي حالت بهتر ٿيڻ بعد کائنس وڌيڪ بيان ورتا ويندا، واقعي بابت جاج پڻ جاري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد  کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ان سلسلي ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بااثر وي سي ۽ پروفيسر پاران فرزانا جمالي کي هيسائڻ واري ڪيس تان هٿ کڻائي خاموش ڪرڻ لاءِ مختلف بهانا ڪيا پيا وڃن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بااثر ماڻهن زوهيب جمالي کي سازش تحت ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل نوجوان زوهيب جمالي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڀاءُ آهي، وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ تي فرزانا جمالي کي هيسائڻ جو الزام آهي، شاگردياڻي کي هيسائڻ واري معاملي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ رپورٽ طلب ڪئي هئي، معاملو عورتن کي هيسائڻ وارن معاملن بابت صوبائي محتسب اعليٰ وٽ هلندڙ آهي .

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *