Thursday , April 25 2024

نوابشاهه ڌماڪي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم، ڌماڪي ۾ فرزانا جو ڀاءُ زخمي ٿيو هو

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪجهه ٻه هفتا اڳ نوابشاهه ۾ ڌماڪي واري واقعي جي گڏيل جاچ ٽيم قائم، ايس ايس پي جاچ سکر سربراهه مقرر، نوٽيفڪيشن جاري. سنڌ جي گهرو کاتي پاران ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاهه ۾ ٿيل ڌماڪي واري واقعي جي جاچ لاءِ، گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي جاچ سکر جي سربراهي. گهرو کاتي پاران جارفي ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق جي آءِ ٽي ۾  پوليس، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز سميت لاڳاپيل ادارن جا عملدار به شامل هوندا. گڏيل جاچ ٽيم جي مڪمل جوڙجڪ جخميس تائين مڪمل ڪري جمعي کان جاچ شروع ڪئي ويندي. جي آءِ ٽي پندرنهن ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪندي.

ياد هجي ته ته، ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاهه جي شگرملز روڊ تي ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي ۽ ۽ پروفيسر پاران مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو هو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو هو. ڌماڪي کي فرزانا جمالي ۽ سندس گهر ڀاتين جڙتو قرار ڏيندي کين ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڊيڄارڻ جو حربو قرار ڏنو هو. سندن اهو به چوڻ هو ته واقعي ۾ يونيورسٽي جو تڏهوڪو وي سي ملوث آهي.

ڌماڪي واري خبر 

نوابشاهه ۾ ڌماڪو، شاگردياڻي فرزانا جمالي جو ڀاءُ مرڻينگ

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *