Friday , March 29 2024

نهال هاشمي عدالت سان راند کيڏڻ چاهي ٿو: سپريم ڪورٽ

Nihal hashmi01

سپريم ڪورٽ تڪراري تقرير تي نهال هاشمي خلاف ڪيس تي منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني پاناما عملدرآمد بئنچ نهال هاشمي خلاف توهين عدالت جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نهال هاشمي طرفان ايڊووڪيٽ حشمت حبيب پيش ٿيو، جنهن عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته مون رمارڪس ۽ الزامن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته پهرين ٻڌڻي تي نهال هاشمي چيو ته جواب تيار آهي. نهال هاشمي کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت عدالت ڏني، توهان تقرير جو متن گهريو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ان جي تقرير جو متن گهمي رهيو آهي ۽ توهان وٽ ڪونهي. توهان گوگل تان متن حاصل ڪري سگهون ٿا، جنهن ٿي حشمت حبيب چيو ته هي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس آهي، ڪا آئيني درخواست ناهي، جنهن جو جواب ڏنو وڃي، سڄي دنيا وٽ متن هوندو پر مون وٽ ناهي، الزامن جي بنياد تي منهنجي مؤڪل خلاف ڪيس داخل ٿي ويو ۽ کيس پارٽي مان ڪڍيو ويو. هن سپريم ڪورٽ کان ڪراچي ۾ داخل ڪيس تي ڪارروائي روڪڻ لاءِ منع نامو جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته ڪراچي جو ڪيس توهان ڄاڻو، قانون ڄاڻي، حشمت حبيب جو مؤقف ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا نهال هاشمي عدالت سان راند کيڏي رهيو آهي. نهال هاشمي کي جواب جمع ڪرائڻ جي هڪ ٻي مهلت ڏيون ٿا پر کيس عدالت سان سچو هجڻ گهرجي. عدالت اٽارني جنرل کي نهال هاشمي جي تقرير جو متن سندس وڪيل کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *