Friday , March 29 2024

نندو شهر ڀرسان عورت جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ سماجي اڳواڻ جميلا انصاري طور ٿي وئي

بدين(رپورٽر  سنڌسماءَچار) چار ڏينهن اڳ نندو شهر ڀرسان هٿ آيل ناري جي لاش جي سڃاڻپ سماجي اڳواڻ جميلا انصاري طور ٿي آهي، جڏهن ته نندو پوليس ناري جي قتل الزام هيٺ سندس مڙس ۽ ويڳي پٽ سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي بدين عرفان سمون جو چوڻ آهي ته مقتول ناري سماجي ڪمن ۾ متحرڪ هئي، جنهن تي کيس قتل ڪيو ويو، جوابدارن پاڻ کي آفيسر ڄاڻائي ٿاڻن تان فون ذريعي لاش جي ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪال ٽريس ڪري گرفتاريون ڪيون ويون. ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي بدين عرفان سمون چيو ته ناري جي ڀائرن شڪيل ۽ مقصود انصاري بدين ٿاڻي تي پهتا، جن هٿ آيل لاش پنهنجي ڀيڻ جميلا انصاري جو ڄاڻايو.

عرفان سمون موجب ناري جي ڀائرن ٻڌايو ته سندن ڀيڻ حيدرآباد ۾ مڙس جاويد لاشاري سان رهندي هئي، جتي کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش نندو ڀرسان اڇلايو ويو آهي.ايس ايس پي بدين چيو ته ناري جي ڀائرن جي شڪايت تي قتل ۾ ملوث جوابدار مڙس جاويد لاشاري، سندس پٽ جنيد، رب ڏنو لاشاري ۽ سندن سهولتڪار شير زمان لُنڊ کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ڪيل ڪار تحويل ۾ ورتي وئي. عرفان سمون موجب ناري جميلا سماجي ڪمن ۾ سرگرم هئي جنهن ڪري کيس قتل ڪيو ويو.ايس ايس پي بدين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واردات کانپوءِ جوابدار ويڳي پٽ جنيد لاشاري پاڻ کي آفيسر ڄاڻائي بدين ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي فون ڪري لاش جي ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪال ٽريس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي عرفان سمون چيو ته مقتول ناري 4 مهينا اڳ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي رهائش اختيار ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *