Thursday , March 28 2024

نمرتا ڪيس جي ”سيلڊ / مهربند“ رپورٽ مان آپگهات جي خبر ڪئين پئي؟

نمرتا جو پراسرار موت، رپورٽ اچڻ کان اڳ آپگهات قرار؟

نمرتا ڪيس جي ”سيلڊ / مهربند“ رپورٽ مان آپگهات جي خبر ڪئين پئي؟

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت جي عدالتي جاچ ڪميٽي جي ” سيلڊ / مهربند “ رپورٽ، پڌري ٿيڻ کان اڳ ئي ڪجهه ڌرين پاران رپورٽ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي، سيشن جج پاران مهربند رپورٽ جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته، رپورٽ ۾ نمرتا جو آپگهات ئي آهي. آصفا ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي حوالي ڪئي وئي آهي، جاچ ڪندڙ سيشن جج لاڙڪاڻو پاران جاچ مڪمل ڪرڻ بعد اها گهرو کاتي جي سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي هئي، جيڪا گهرو کاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير مراد علي شاهه جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا جي ڪجهه نمائندن پاران اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، سيشن جج لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ جڙيل عدالتي ڪميٽي رپورٽ مڪمل ڪرڻ بعد، پنهنجي راءِ ۽ تجويزن کانپوءِ اها سِيِل / مهربند رپورٽ سومر ڏينهن سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽريءَ جي حوالي ڪئي هئي، جيڪا بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حوالي ڪئي وئي آهي.

نمرتا جو پراسرار موت، رپورٽ اچڻ کان اڳ آپگهات قرار

لاڙڪاڻي جي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل مان شاگردياڻي نمرتا جي لاش ملڻ شرط شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پاران نمرتا جي موت کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو هو. جنهن وقت وي سي موت کي آپگهات قرار ڏنو هو؛ ان وقت تائين اڃا لاش جو پوسٽث مارٽم ته پري جي ڳالهه پر مڙهه جو مڪمل معائنو ئي نه ٿيو هو پر ان باوجود به ان کي آپگهات قرار ڏنو ويو هو. ان کانپوءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي ان موت کي آپگهات قرار ڏنو ويو، هاڻي به جڊيشل انڪوائري جي رپورٽ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پنهنجي رپورٽ تيار ڪري گهرو سيڪريٽري جي حوالي ڪئي ۽ گهرو سيڪريٽري اها رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ ئي اها رپورٽ پڌري ” پبلڪ“ ڪرڻ يا پڌري نه ڪرڻ جو فيصلو وڏو وزير مراد علي شاهه ئي ڪندو.

رپورٽ جيڪا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو پاران ” سيلڊ / مهربند “ اختيارين جي حوالي ڪئي آهي، ان رپورٽ جو ذريعن جو حوالو ڏئي ڪجهه ماڻهو نمرتا جي موت کي آپگهات قرار ڏئي رهيا آهن. ڪنهن به جاچ ڪميٽي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي مهربند ڪري ان اختياري جي حوالي ڪئي ويندي آهي جيڪا ان ڪميٽي جي مجاز اختياري هجي. اها ڪميٽي هڪ ميمبر تي ٻڌل هجي يا هڪ کان وڌيڪ ميمبرن تي مشتمل هجي، ان ڪميٽي جي اها ذميواري هوندي آهي ته، اها ان وقت تائين ڪنهن به ٻئي کي يا ان رپورٽ بابت ڪنهن غر واسطيدار شخص يا اداري کي نه ٿي ٻڌائي سگهجي، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو اها رپورٽ شڪي بڻجي ويندي آهي. هاڻي نمرتا ڪيس واري جڊيشل انڪوائري تي نظر وجهجي ته، جڊيشل ڪميٽي / انڪوائري جي رپورٽ جيڪا مهربند آهي ان بابت جيڪڏهن صحافين جا ذريعا ٿي سگهن ٿا ته ڪير هوندا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو؟ گهرو کاتي جو سيڪريٽري؟ يا وڏو وزير مراد علي شاهه؟ جيڪڏهن گهرو کاتي جو سيڪريٽري ذريعو آهي ته مطلب هن جڊيشل انڪوائري پاران تيار ڪيل رپورٽ جي سيل ٽوڙي اها پڙهي آهي؟. ان کان اڳ  به عدالتي ڪميشن / ڪميٽي پاران جاچ جاري هئي ته مختلف پليٽفارمز تان ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏني وئي ته بس نمرتا آپگهات ڪيو آهي، هن کي قتل ناهي ڪيو ويو. جنهن مان لڳي ٿو ته ڪجهه ڌريون باقائدگي سان ان مشن تي آهن ته حقيقت جيڪا به آهي پر معاملي کي آپگهات ئي قرار ڏيڻو آهي، جيڪڏهن ائين آهي به ته پوءِ ان آپگهات جا ذميوار به آهن، جن بابت سڄي سنڌ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *