Friday , March 29 2024

نمرتا کي قتل ڪرڻ کان اڳ کيس جنسي ڏاڍائي جي به تصديق، موت ڳَلو گهُٽجڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو

لاڙڪاڻي جي نمرتا جي موت پراسرار نه رهيو، کيس قتل ڪيو ويو، قتل کان اڳ کيس جنسي حوس جو نشانو به بڻايو ويو:ميڊيڪل رپورٽ

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا کي قتل ڪرڻ کان اڳ جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جي تصديق ٿي وئي، چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي امرتا پاران جاري ڪيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، نمرتا جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ هڪ مرد جا جزا مليا، سندس موت ڳلو گهُٽجڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ  سبب ٿيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻُو مسعود بنگش چيو آهي ته رپورٽ پوليس کي ناهي ملي، عدالتي جاچ ڪميٽي جو سربراهه سيشن جج لاڙڪاڻو جيڪو به حڪم ڪندو ان تي عمل ڪنداسين. چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر امرتا، آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي موت بابت ٻن مهينن کانپوءِ نيٺ پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ته نمرتا جي ڳلي تي نشان موجود هئا، سندس موت ڳلو دٻجڻ / گهُٽجڻ/ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي هيسٽوپيٿالاجي رپورٽ ۾ دل، گڙدن، جگر ۽ ڦڦڙن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، جڏهن ته ڪيميڪل رپورٽ ۾ به ڪا زهريلي دوا نه ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي جسم ۽ ڪپڙن مان هڪ مرد جو ڊي اين اي ملڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي. شاگردياڻي نمرتا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نمرتا جي لاش وٽان ڪو به رئو يا رسي نه ملي هئي، سندس ڳلي تي 22 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ 1 ڏهائي 5 سينٽي ميٽر ويڪرو نشان هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي اهو ڪم پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جو آهي ته نمرتا آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر امرتا چيو ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ نمرتا جي جزن مان مرد جا جزا مليا هئا، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي رپورٽ ۾ به ڪيو آهي.

سنڌ جي پروفيسرز ۽ ليڪچررز جو سي ايم هائوس ٻاهران احتجاج، پوليس جو بي رحماڻو تشدد

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *