Friday , April 19 2024

نمرتا چنداڻي ۽ نوشين شاهه جو قتل يا آپگهات ؟ – سهيل ميمڻ

نمرتا  چنداڻي ۽ نوشين شاهه جو قتل يا  آپگهات ؟ –   سهيل ميمڻ

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ ئي هاسٽل مان ٻن سالن جي وقفي سان ٻن شاگردياڻين، گهوٽڪي واسڻ ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي ۽ دادو واسڻ ڊاڪٽر نوشين شاهه هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو لڳل لاش مليا. انهن ٻنهي شڪي آپگهات جي واقعن سڄي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ وڏي ذهني عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. انهن ٻنهي نياڻين آپگهات ڪيو يا ڪنهن هنن کي ريپ ڪري  قتل ڪيو. چڱن ڀلن پڙهيل لکيل صاحبان توڙي عوامي اڪثريت جو صرف هڪ ئي مطالبو سامهون آيو، ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا الرحمان کوسو کي ڦاهي ڏيو. کيس گار گند ڌار ڪري انتهائي ڪريل ٻولي استعمال ڪئي وئي، پر ڪيس حل ٿئي. مڪمل تحقيق ٿئي ۽ ڏوهارين کي سزا ملي، ان مطالبي تي  تمام گهٽ ماڻهن زور ڏنو.

وري اوچتو ڄامشورو مان هڪ ٽي وي جي نمائندي لمس جي ليبارٽري جي رپورٽ جي بيناد تي خبر بريڪ ڪئي، خبر اها هئي ته نمرتا ۽ نوشين سان ريپ ٿيو آهي ۽ انهن ٻنهي جي جسم ۾ هڪ ئي فرد جا نمونا پنجاهه سيڪڙو ملن ٿا / ميچ ڪن ٿا. لمس جي ان رپورٽ جي خبر بريڪ ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري سڄي سنڌ ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ڪاوڙ جو طوفان اٿيو پر ڪم صرف هڪ ئي ٿيو، اهو هي ته وائيس چانسلر انيلا الرحمان کوسو کي جبري موڪل تي موڪليو ويو (اهو سڄو جبري موڪل وارو معاملو مون کي تفصيل سان خبر آهي ته ڇو ٿيو ؟ ڪنهن ڪرايو ؟ ڇو ڪرايو ؟. وڏي وزير مراد علي شاهه نه چاهيندي به اهو سڄو عمل ڇو ڪيو ؟ وغيره وغيره سڀ خبر آهي ( پر ان معاملي کي في الحال نه ٿا ڇيڙيون ).

وي سي جي موڪل بس ؟ ڳالهه ختم ؟ ! نه ڪيس جي ملڪي سطح جي ادارن کان جاچ ۽ نه ( لمس جي رپورٽ موجب) ريپسٽ جي ڳولها، ايستائين جو جوڊيشل انڪوائري جي رپورٽ کي به هر ڪنهن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو آهي. بحرحال هاڻي ڪجهه ڳالهيون هيٺ لکان ٿو. صرف انهن ڳالهين جي جوابن جي گهر ڪريو  نمرتا نوشين مرڊر يا  ريپ يا آپگهات  جيڪو ڪجهه آهي معاملو صفا صاف ٿي سامهون اچي ويندو.

ڪرمنل ڪيسن ۾  ڪڏهن به انڌ جي گهوڙي تي سوار نه ٿجي ۽ ادارن جي اندروني نوڪرين، پوسٽنگس ۽ رشوت جي ڊيمانڊ ڪرڻ وارن جي جهيڙي ۾ انهن جي سازشن ۽ چالن تي هلي ڏوهه، ڏوهاري ۽ اصل معاملن جي فرانزڪ جاچ جو مطالبو ڪرڻ بند نه ڪجي.

لياقت ميڊيڪل يونورسٽي ( لمس ) هڪ ئي مرد جا ٻنهي ڇوڪرين ۾ جنسي نمونا موجود هجڻ جي رپورٽ ڏني آهي جيڪا 50 سيڪڙو مئچ ڪري ٿي. ماليڪيولر سائنس جي ماهر ۽ لمس جي ان ليبارٽي جي جهڙوڪ  فائونڊر امريڪا ۾ رهندڙ منهنجي دوست  ڊاڪٽر  نور خاصخيلي مون کي ايڪسپرٽ اوپينيئن ڏيندي چيو آهي ته  ڊي اين اي جا نمونا 50 سيڪڙو مئچ ٿيڻ جو ڪو بڻ بنياد ناهي ٿيندو. نمونا سئو سيڪڙو مئچ ٿيندا يا نه ٿيندا (50 سيڪڙو ميچنگ صرف والدين سان ٿيندي آهي )، پوءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پاران اها رپورٽ  ڇو ڏني وئي ؟

ڇو هڪ لوڪل صحافي کان غير قانوني خبر بريڪ ڪرائي سڄي سنڌ آڏو ذهني تڪليف وارو سوال پيدا ڪيو ويو ته چانڊڪا ۾ آخر ٿي ڇا رهيو آهي ؟ ٻار پڙهائجن يا نه، سنڌ جا ادارا سڄي دنيا ۾ بدنام ٿيا.

ان سڄي معاملي جو جواب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي وقتي وائيس چانسلر اڪرام الدين اڄڻ صاحب کان پڇڻ گهرجي. هن کان اهو به پڇڻ گهرجي ته جنهن وي سي جي سيٽ تي هي قائم مقام وي سي ٿيو ويٺو آهي يعني لمس جو وي سي؛ ان تي وائيس چانسلر جي پوسٽ تي شارٽ لسٽ ٿيڻ وارن اميدوارن ۾ ٽاپ تي ڪهڙي اميدوار هئي ؟ جنهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ 50 سيڪڙو نمونا مئچ واري غير سائنسي رپورٽ عين ان مهل ليڪ ڪرائي وئي جڏهن وي سي جي پوسٽنگ ٿيڻ واري هئي ۽ لمس ليبارٽري جي ريپوٽيشن کي به داءُ تي لڳائڻ کان نه ڪيٻايو ويو.

نمبر هڪ ته؛ نوشين جي والدين کي اڳتي اچڻ گهرجي جو اهو انهن جي گهر ۽ خاندان جي عزت جو مسئلو آهي. کين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل وجهڻ گهرجي ته ڊي اين اي ٽيسٽ وغيره، ٻيهر لاهور يا ملڪ جي يا ملڪ کان ٻاهر جي ادارن کان ڪرايا وڃن. انهن کي پنهنجي نياڻي جي عزت لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ اها گهر پڻ ڪرڻ گهرجي ته انهن سڀني معاملن جي تحقيق وفاقي ايجينسين تي ٻڌل جي آئي ٽي کان ڪرائي وڃي.

ٻيو نمبر ته؛ نمرتا جي گهر وارن کي هاڻي سڀ ڪجهه سچ سنڌ کي ٻڌائڻ گهرجي. کين سڀ ڪجهه خبر آهي. هاڻي اهو راڳ بند ٿيڻ گهرجي ته ويچارا هندو ماڻهون ڇا ڪن ، کين دهمڪيون ڏئي چپ ڪرايو ويو هوندو وغيره . نمرتا جي گهر وارن پاران  پاڻ ڪيس بند ڪرائڻ واري سچائي هاڻي ضرور ٻاهر اچڻ گهرجي. جيڪا اڳي پوءِ هاڻي ضرورو ايندي. انهن جي چپ سبب ڪيترين شخصيتن لوڙيو آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ادارا ڌار بدنام ٿيا آهن. ڊاڪٽر بيکا صاحب توهان ٻڌايو ته نمرتا ڊي اين اي رپورٽ بابت جيڪا توهان نمرتا فيملي کي آف دي رڪارڊ ڳالهه ڪئي هئي ان ۾ ڇا هو ؟

ٽيون نمبر ڳالهه ته؛ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ جميل سومرو صاحب ، سيڪشن آفيسر فهيم چاچڙصاحب، فريال ٽالپر صاحبه  جو پي اي مصطفي لغاري صاحب ، لمس جو پرو وائيس چانسلر اڪرام اڄڻ صاحب ۽ شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو نئون پوسٽيڊ  قائم مقام وي سي حاڪم ابڙو صاحب . اهي صاحبان سنڌ کي ان  سڄي معاملي بابت حقيقتون ٻڌائين ته بهتر ٿيندو. ڊاڪٽر عاصم حسين کي به ڪجهه زبان کولڻ گهرجي . ( هنن سڀني جا نالا مون ايئن ئي هرو ڀرو ناهن لکيا )

چوٿون نمبر هيءَ ته، شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي وارن  جو اهو مطالبو بلڪل درست آهي ته لمس جي ليبارٽري کان ڪا به ٽيسٽ نه ڪرائي وڃي . ( ڏسجو سنڌ حڪومت پو به زبردستي ٽيسٽ لمس مان ئي ڪرائيندي ).

پنج نمبر؛ اسان جو مطالبو آهي ته ، صرف شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ئي نه پر ڀلي سڄي لاڙڪاڻي جا ڊي اين اي سيمپل وٺو  جيڪي نمرتا ۽ نوشين جي جسم مان لمس پاران ٻڌايل نمونن ( واري متنازع رپورٽ ) سان مئچ ڪيو  پر اهو سڄو پراسس سنڌ کان ٻاهر جي ليبارٽرين کان ڪرايو وڃي لمس ته صفا نه  . لمس کان ڪا به ٽيسٽ نه ڪرائي وڃي . وفاقي سطح تي هڪ پاور فل جي آئي ٽي جوڙي سڄي معاملي جي زيرو کان وري شروعات ڪئي وڃي . سمورا ٽيسٽ لاهور ۽ ملڪ جي يا ٻاهرين ملڪن جي ليبارٽرين مان ڪرايا وڃن . سڀ کان اڳ ته لمس جي 50 سيڪڙو ميچ واري معاملي جي کوجنا ڪرائي وڃي جنهن لمس ليبارٽي جي ريپوٽيشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي .

مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي منارٽي ڪميشن وٽ هڪ وڪيل دوست جي معرفت درخواست موڪلي آهي. جنهن ۾ وفاقي جي آئي ٽي جوڙڻ ۽ لمس کان ڪا به ٽيسٽ نه ڪرائڻ ۽ سندن هن مهل تائين جي ٽيسٽن جو ٻيهر اڀياس ڪرائڻ جو مطالبو ٿيل آهي  ٻيو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهيان ته سڀ کان اڳ لمس جي رپورٽ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. سنڌ جي صحافي دوستن کيمنهنجو عرض ته؛ ڪجهه محنت به ڪندا ڪيو خبر تي توهان جي هڪ خبر ڪروڙين ماڻهن جي پريشاني جو يسبب بڻجي سگهي ٿي، مهرباني ڪري شيئر ڪيو ته جيئن اهو مسئلو حل ٿئي هاڻي . گهڻو ٿي ويو

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *