Friday , April 19 2024

نمرتا جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهم انڪشاف، ڪجهه ماڻهن جي پريشاني وڌائي ڇڏي

نمرتا جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهم انڪشاف، وارثن جي موقف کي هٿي ملڻ لڳي

لاڙڪاڻو ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) شاگردياڻي نمرتا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ شڪ وڌائيندي يونيورسٽي انتظاميا جي دعوائن تي سواليا نشان ۽ وارثن جي موقف کي هٿي ڏئي رهي آهي، لاڙڪاڻي جي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري مان شاگردياڻي نمرتا جي شڪي آپگهات واري موت، يونيورسٽي انتظاميا، پوليس ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرز کي منجهائي ڇڏيو آهي، پوليس سرجن پاران جاري ڪيل شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ شاگردياڻي جي آپگهات وارن افواهن کي وڌيڪ شڪي بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان ڪجهه ماڻهن جي پريسانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پوسٽ مارٽم جي جاري ڪيل شروعاتي رپورٽ وارثن جي  موقف کي هٿي ڏئي رهي آهي. پوليس سرجن پاران نمرتا جي جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته، نمرتا جي ڳچيءَ تي نشان هئان، جنهن مان لڳي ٿو ته هن آپگهات ڪئي.

پوليس سرجن پاران جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته، نمرتا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو، پوليس سرجن جي رپورٽ ۾ اهو به ناهي چيو ويو ته، شاگردياڻي نمرتا جو مَڻِڪو ڀڳل / ٽُٽَل هو. ميڊيڪل جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته، ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ يا ڦاهي اچڻ ساڳيو ئي عمل آهي، ان ۾ اهڙو عمل ڪندڙ يا اهڙي عمل مان گذرندڙ شخص جو مڻڪو لازمي طور ڀڄني پوندو آهي. جيڪا ڳالهه نمرتا جي معاملي اڃا تائين سامهون ناهي آئي توڙي جو ان جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپور به اچي وئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جي ڪارڻ جا مک ڪارڻ لازمي طور ظاهر ڪيا ويندا آهن، پر نمرتا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ رڳو ايترو ڄاڻايو ويو آهي ته سندس ڳچي تي نشان هئا، جنهن مان لڳي ٿو ته هن آپگهاتو ڪيو هو.

نمرتا جي وارثن جو پهرين ڏينهن کان اهو موقف رهيو آهي ته، سندن نياڻي کي ڪا به پريشاني نه هئي، هن جو هرطرح سان خيال رکيو ويندو هو، خاص طور تي معاشي طور تي ڪا به پريشاني نه هئي، انڪري سندس آپگهات واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. نمرتا جي ڀاءُ سميت ٻيا وارث واضح طور چئي چڪا آهن ته نمرتا آپگهات ناهي ڪيو پر کيس قتل ڪيو ويو ويو آهي.

گهوٽڪي واسڻ هندو شاگردياڻي نمرتا جو لاش، يونيورسٽي انتظاميا جو مبهم موقف

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *