Saturday , April 20 2024

نقيب قتل ڪيس جي مک جوابدار رائو انوار جي ضمانت منظور

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير ۾ ڪجهه مهينا اڳ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ نوجوان نقيب الله کي قتل ڪرڻ واري الزام ۾ رائو انوار جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. رائو انوار پاران داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تي اي ٽي سي ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت رائو انوار جي نقيب قتل ڪيس ۾ 10 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ضمانت جي منظوري واري حڪم ۾ اهو به چيو ته، جيڪڏهن رائو انوار تي ٻيو ڪو ڪيس ناهي ته، نقيب قتل ڪيس ۾ سندس ضمانت منظور ڪئي پئي وڃي، ضمانت لاءِ 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *