Thursday , April 18 2024

نقيب الله سميت 4 ڄڻا ڪوڙي مقابلي ماريا ويا،رائو انوار به موجود هو: پوليس رپورٽ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله سميت 4 ڄڻن جي قتل کي عدالت کان مٿانهون قتل قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس پاران پيش ڪيل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته نقيب الله سميت چئني ڄڻن کي ڪمري ۾ بند ڪري قتل ڪرڻ بعد هٿيار ڏيکاريا ويا، ايس ايس پي رائو انوار ساٿين سوڌو واقعي واري هنڌ موجود هو، عدالت مبينا مقابلي ۾ ماريل نقيب الله سميت چئن ڄڻن خلاف داخل 5 ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پاران قتل جي جاچ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته نقيب الله سميت چئن ڄڻن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري قتل ڪرڻ بعد هٿيار ڏيکاريا ويا، رائو انوار ۽ ان جا ساٿي واقعي واري هنڌ موجود هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  نقيب الله سميت چئن ڄڻن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو، جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري جائزو وٺي شاهديون گڏ ڪيون آهن. رپورٽ بعد عدالت نقيب الله ۽ ٻين خلاف داخل 5 ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *