Friday , April 19 2024

نفيسه شاهه هڪ هفتي بعد رمشا وساڻ جي وارثن وٽ پهچي وئي

خيرپور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نفيسا شاهه مقتول ناري رمشا جي وارثن وٽ پهچي ساڻن تعزيت ڪئي، نفيسا شاهه جو چوڻ آهي ته رمشا قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار گرفتار ٿي ويو آهي، پوليس تي ڪيس جي جاچ جي حوالي سان ڪو به دٻاءُ ناهي، جيستائين رمشا جي وارثن کي مڪمل انصاف نه ٿو ملي اسين ساڻن گڏ بيٺل هونداسين. پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه ڪنب ويجهو ڳوٺ پير گڊو پهچي مقتول ناري رمشا وساڻ جي وارثن سان عذرخواهي وقت رمشا جي امڙ نفيسه شاهه کان مطالبو ڪيو ته، جوابدار ذوالفقار وساڻ ته گرفتار ٿي ويو آهي پر باقي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي.  وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسا شاهه مطالبو ڪيو ته رمشا وساڻ جي قاتل ذوالفقار وساڻ کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. نفيسا شاهه وڌيڪ چيو ته اسانجي ڪوشش هئي ته رمشا قتل ڪيس جو مک جوابدار جلد گرفتار ٿئي ان لاءِ پوليس تي ڪوبه دٻاءُ نه هو. رمشا قتل ڪيس ۾ خيرپور پوليس بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مٿن ڪو به سياسي دٻاء ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *