Wednesday , April 24 2024

نصرت سحر عباسي سان بدسلوڪي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، معافي وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي: فنڪشنل ايم پي اي نصرت سحر عباسي سان صوبائي وزير امداد پتافي ۽ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران نصرت سحر سان بدسلوڪي ڪرڻ خلاف ڪراچي، شهداد ڪوٽ ۽ کپرو ۾ فنڪشنل ليگ ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڪراچي پريس ڪلب آڏو فنڪشنل ليگ سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ عورتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر خلاف مختلف نعرا لکيل هئا. احتجاج ڪندڙن عورتن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر کي فوري طور هٽايو وڃي. کپرو ۾ فنڪشنل ليگ پاران مکي موهن داس ۽ لياقت راجپوت جي اڳواڻي ۾ شهيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهداد ڪوٽ ۾ فنڪشنل ليڊيز ونگ پاران ناهيد کهاوڙ، صغران ۽ سيما جي اڳواڻي ۾ دوست علي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر پاران اختيار ڪيل رويو مذمت جوڳو آهي . هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر کي هٽائڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. فنڪشنل ايم پي اي نصرت سحر عباسي سان صوبائي وزير امداد پتافي ۽ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران نصرت سحر سان بدسلوڪي ڪرڻ خلاف ڪراچي، شهداد ڪوٽ ۽ کپرو ۾ فنڪشنل ليگ ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڪراچي پريس ڪلب آڏو فنڪشنل ليگ سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ عورتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر خلاف مختلف نعرا لکيل هئا. احتجاج ڪندڙن عورتن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر کي فوري طور هٽايو وڃي. کپرو ۾ فنڪشنل ليگ پاران مکي موهن داس ۽ لياقت راجپوت جي اڳواڻي ۾ شهيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهداد ڪوٽ ۾ فنڪشنل ليڊيز ونگ پاران ناهيد کهاوڙ، صغران ۽ سيما جي اڳواڻي ۾ دوست علي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر پاران اختيار ڪيل رويو مذمت جوڳو آهي . هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر کي هٽائڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

فيض گنج ۾ به مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪامريڊ مرتضيٰ، خادم شر، ۽ عبدالباقي شر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته امداد پتافي کي ايم پي اي شپ تان استعيفيٰ ڏياري وڃي ۽ سندس خلاف عورت کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *