Thursday , March 28 2024

نثار کهڙو صاحب اوهان وڏا اداڪار آهيو: اسپيڪر آغا سراج دراني

siraj durani 1 Nisar Khuhro 1

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو جيم خاني جي تعمير جي ذڪر تي اسپيڪر آغا سرج دراني ۽ صوبائي وزير نثار کهڙو وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، آغا سراج دراني نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان سٺي اداڪاري ڪئي آهي، نثار کهڙي اسپيڪر کي جواب  ڏيندي چيو ته اوهان وٽان ئي اداڪاري سکي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.

اجلاس ۾ ان وقت دلچسپ ماحول ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن اسپيڪر چيو ته اسيمبلي جي ميمبرز جي رهائشي هاسٽل جي تعمير  بابت بريفنگ رکي وئي آهي.

اسپيڪر ميمبرن کي ٻڌايو ته هاسٽل ۾ سڀئي سهولتون موجود هونديون، جنهن ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نند ڪمار جي فرمائش تي بيوٽي پارلر به شامل ڪيو ويو آهي، جتي نند ڪمار پنهنجا وار ڪارا ڪرائي سگهندو.

اجلاس ۾ نثار کهڙي چيو ته جيم خانو به تعمير ڪيو وڃي، جنهن تي آغا سراج دراني نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته  اوهان سٺي اداڪاري ڪئي آهي، نثار کهڙي اسپيڪر کي جواب  ڏيندي چيو ته اوهان وٽان ئي اداڪاري سکي آهي.

اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نند ڪمار  قرارداد جمع ڪرائيندي چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٽراما سينٽر تعمير ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ڪٿي جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ان کي اتي طبي امداد نه پئي ملي سگهي.

نند ڪمار کي جواب ڏيندي صحت واري صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته هر ضلع ۾  ٽراما سينٽر موجود آهي.

ايم ڪيو ايم جي ظفر ڪمالي چيو ته ميرپورخاص اسپتال ۾ ڪا به سهولت نه آهي، 8 سال پهرين ٽراما سينٽر جي درخواست ڏني هئي، پر اڃا تائين تعمير ناهي ٿي سگهيو.

هن چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب پل جو ڪم شروع ڪرايو ويو، جيڪو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ديوان چند چاولا چيو ته اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون گهٽ آهن، جيڪي وڌايون وڃن، جنهن تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ٻيا صوبا اڳ ۾ئي پگهار وڌائي چڪا آهن ۽ حڪومت پگهارون وڌائڻ جي ترميم لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *