Friday , March 29 2024

ناهيد خان، ڊاڪٽر صفدر، منور ۽ معظم عباسي خلاف نيب جاچ ڪندي

صفدر عباسي  –                 معظم عباسي   –        منور عباسي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب نواز شريف خلاف مني لانڊرنگ جي الزامن جي جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين پاران نوازشريف تي 4 ارب 90 ڪروڙ ڊالر ڀارت اماڻڻ وارن الزامن جي جاچ شروع ڪرڻ جو حڪم، شهيد بينظير جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان، سندس مڙس صفدر عباسي، منور عباسي ۽ معظم عباسي خلاف به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارن الزامن جي جاچ جو حڪم، افتخار گيلاني، سيڪريٽري ريلوي پنجاب ۽ اوگرا ميمبر عامر نعيم خلاف به جاچ جو فيصلو. نيب چيئرمين ناهيد خان، سندس مڙس صفدر عباسي، منور عباسي ۽ معظم عباسي خلاف سرڪاري زمين تي اسڪيم قائم ڪرڻ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ وارين شڪايتن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب، افتخار گيلاني، سيڪريٽري ريلوي پنجاب ۽ اوگرا ميمبر عامر نعيم خلاف به جاچ جو فيصلو ڪيو آهي، جن تي ريلوي جي اربين رپين جي زمين وڪرو ڪرڻ ۽ اختيارين جي غلط استعمال سميت مختلف الزام آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *