Friday , April 26 2024

ناري جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نارو( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ناري ۾ چينل 214 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بااثر پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. آبادگارن يتيم علي شنباڻي، انور شنباڻي، محمد علي ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته نارا ڪئنال جي چينل 214 ۾ هڪ مهيني کان پاڻي نه اچڻ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن. آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پاڻي نه پهچڻ بابت شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته چينل 214 ۾ پاڻي ڇڏي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *