Friday , March 29 2024

نادرا عملي جون سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ناڪام

ڪراچي ( اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مسئلي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران هلندڙ احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ نادرا ڪراچي جي اختيارين قومپرست اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ سڏايو، امان الله شيخ جي اڳواڻي ۾ ٿيل ڳالهيون بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون، امان الله شيخ جو چوڻ آهي ته هوو پنهنجي مطالبن تان پوئتي نه هٽندا.

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تحريب بعد نادران جي اختيارين سومر ڏينهن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ سڏايو، وفد جي اڳواڻي ڪامريڊ امان الله شيخ ڪئي، وفد ۾ سيد زين شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل هئا.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هنن غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو سلسلو بند ڪرڻ ۽ ٺاهيل ڪارڊ رد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر نادرا عملدارن چيو ته اوهان جي معاملي بابت اسلام آباد جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ قومپرست پارٽين ۽ سڃاڻ ڌرين پاران نادرا آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو هو، جيڪو نادرا جي عملدارن جي خاطري تي ختم ڪيو ويو هو. قومپرست پارٽين جي اڳواڻن نادرا عملدارن کي هڪ هفتي جو الٽيميٽم ڏيندي مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر احتجاج جو چتاءُ ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *