Friday , March 29 2024

نااهل ٿيل وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد کان لاهور روانو، قافلو منزل طرف روان دوان

PM-Nawaz-2

اسلام آباد: پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نااهل ٿيل پاڪستان مسلم ليگ نون جو سربراهه ناوز شريف اسلام آباد مان لاهور روانو ٿي ويو آهي، جي ٽي روڊ تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد مان اسان سنڌسماءَچار جي سماچاري موجب نااهل ٿيل نواز شريف لاهور روانو ٿيڻ لاءِ صفا تيار ٿيو ويٺو آهي، جيڪو هاڻي منزل طرف روانو ٿي چڪو آهي، ڊي چوڪ اسلام آباد سميت ڀرپاسي جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪرايا ويا آهن. اسان جي سماچاري موجب نون ليگ جي سربراهه پارٽي اڳوڻن کان سندس ريلي ۾ اسلام آباد ۾ موجود ڪارڪنن جي تعداد بابت پڇيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي ڪجھ سئو ماڻهو آيا آهن، بس نڪرجي ته هزارين ڪارڪن پهچي ويندا. رپورٽس موجب اسلام آباد ۾ هن وقت تائين نون ليگ جي ڪارڪنن کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن جي آهي.

نوازشريف جي اسلام آباد کان لاهور سفر ڪرڻ لاءِ هڪ بم پروف ڪنٽينر تيار ڪيو ويو آهي.

 عمران خان ۽ طاهرالقادري تي ڪنٽينر خان ۽ مولانا ڪنٽينر جون ٺٺوليون ڪندڙ نواز شريف پاڻ اڄ ڪنٽينر ۾ سفر ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *