Saturday , April 20 2024

مڪلي اسٽيڊيم جي زمين تي پ پ اڳواڻ غياث ميمڻ پاران قبضي جي ڪوشش

ٺٽو( خاص نمائندو: سنڌ سماءَ چار) ٺٽي ۾ بااثر شخص مڪلي اسٽيڊيم جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي رينجرز پهچي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته تازو پ پ ۾ شامل ٿيل هڪ بااثر شخص ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي اسٽيڊيم جي زمين جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. علائقي جي هڪ بااثر شخص غياث ميمڻ مڪلي اسٽيڊيم جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بابت شهرين رينجرز کي اطلاع ڏنو. اسٽيڊيم جي زمين تي قبضي جو اطلاع ملڻ تي پيولس نه پهتي جنهن بعد رين رجزر کي اطلاع ڪيو ويو، رينجرز پهچي اسٽيڊيم جي زمين تي قبضي واري ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

ٺٽو ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته تازو پ پ ۾ شامل ٿيل بااثر شخص غياث ميمڻ ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مڪلي اسٽيڊيم جي زمين جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته بااثر شخص اڄ هٿياربند ساڻ ڪري اسٽيڊيم جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي رينجرز بروقت پهچي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جي قبضي واري ڪوشش جو نوٽيس وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *