Thursday , April 18 2024

مڪاني حڪومت جو مدو ختم، ميئر ۽ چيئرمين ڪائونسلرز سوڌو گهر روانا، تڪ بندين جو به شيڊيول جاري

ميئرز ۽ چيئرمين کي سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ ٻيون سهولتون واپس ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽ: آفاق  ڀٽي    سنڌ سماچار) سنڌ ۾ مڪاني حڪومت جو مدو ختم ٿي ويو، سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪاري ڪري ڇڏيو، ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز گهر روانا ٿي ويا، صوبائي اليڪشن ڪميشن نين مڪاني چونڊن کان اڳ نيون تڪ بنديون ڪرڻ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ 2016 ۾ قائم ٿيل مڪاني حڪومتن جو چئن سالن وارو مدو ختم ٿيڻ تي مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري پاران لوڪل گورنمينٽس جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن ميئرز، ڊپٽي ميئرز، چيئرمينز، وائيس چيئرمينز سميت مڪاني حڪومتن جي چونڊيل نمائندن کي مليل سرڪاري رهائشگاهن ۽ سرڪاري گاڏين سميت سموريون استعمال واريون سرڪاري سهولتون واپس ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ ٻيون سهولتون واپس نه ڪيون ويون ته سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. مڪاني ادارن جي ايندڙ چونڊن کان اڳ ۾ صوبي اندر مڪاني تڪن جون نيون تڪبنديون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *