Friday , March 29 2024

مڃون ٿا ته سنڌ ۾ ساڍا 3 هزار صنعتون بند ٿي ويون آهن،خانگي سيڪٽر ۾ رڳو10 سيڪڙو رجسٽرڊ ٿيل آهن: سيد ناصر شاهه

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چارنيوز) سُڌ سماءَ واري کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ ۾ مجموعي طور تي  3 هزار 397 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون صنعتون بند ٿي ويون آهن، خانگي سيڪٽر ۾ صرف 10 سيڪڙُ پورهيت پڪن ملازمن طور رجسٽرڊ ٿيل آهن باصي 90 سيڪڙو پورهيت ڏهاڙي تي ڪم ڪرڻ وارا آهن. گهٽ عمر وارن پورهيت ٻارن بابت اڃا تائين سروي مڪمل ناهي ٿي سگهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ليبر کاتي بابت سوالن ۽ جوابن واري وقفي دوران، کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايم پي ايز پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کان زبردستي پورهيو ڪرائڻ بابت ليبر کاتي وٽ جيڪي انگ اکر موجود آهن، اُهي ٺيڪ ناهن. ليبر کاتو عالمي اداري يونيسيف جي سهڪار سان سڄي سنڌ ۾ انگ اکر گڏ ڪرڻ واري سروي هلي رهي آهي. صوبائي وزير چيو ته هي سروي اڳ ڪڏهن ناهي ڪئي وئي، 54 بلين جي لاڳت سان  2017ع ۾سروي  شروع ٿيو جيڪو 2019ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي، ان تي ليبر کاتي جو ٽيڪنيڪل شعبو ڪم ڪري رهيو آهي، صوبائي وزير چيو ته  14 سال گهٽ عمر وارن ٻارڙن کان ڪم وٺڻ تي 6 مهينا جيل، 50 هزار ڏنڊ آهي. هن چيو ته، 18 کان 14 سال عمر دوران خطرناڪ قسمن جا ڪم ڪندڙ ٻارڙن کان پورهيو وٺڻ  بابت قانون ۾ ٻيڻي سزا مقرر ٿيل آهي، جن ۾ هڪ لک ڏنڊ ۽ 2 سال قيد جي سزا رکيل آهي.

ناصر شاهه لکت ۾ پڇيل ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ايوان کي ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ هڪ ناسور بڻجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن اسان جا عملدار انهن ٻارڙن جي والدين کان پڇا ڪن ٿا ته اهي چون ٿا ته اسان جي مجبوري آهي گهر کي هلائڻ وارو ناهي. صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ 9 هزار 602 فيڪٽرين مان 3 هزار 397 فيڪٽريون بند پيل آهن. جيڪي ڪاروبار ۾ نقصان ۽ ٻين سبب جي ڪري بند ٿيون، هن اعتراف ڪيو ته صوبي جي صنعتي يونٽن ۾ صرف 10 سيڪڙو ملازم ريگيولر آهن، باقي ملازم ڊيلي ويجز تي آهن، جتي پڻ ٻارن کي ڊيلي ويجز تي رکي انهن کي 6 کان 8 هزار پگهار ڏئي نقصان ڏنو پيو وڃي، قانون موجب هر پورهيت کي گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار پگهار مقرر ٿيل آهي، گهٽ پگهار ڏيندڙن خلاف حڪومت ڪارروائي ڪري پئي، فيڪٽري مالڪن سان به ڳالهيون ڪيون آهن، فيڪٽري مالڪن کي قانون موجب پگهارون ڏيارڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو، هن چيو ته ليبر کاتي تحت ليبر ڪالونين جي مرمت لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ 2002ع  کان 2008ع تائين ليبر ڪالونين جي ناني ويڙهو ڪري ونڊ ورڇ ڪئي وئي هئي. نين ٺاهيل ڪالونين ۾ حقيقي بنيادن تي حقدارن کي ئي ڪوارٽر ڏنا ويندا. وقتي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر جي صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *