Tuesday , April 23 2024

مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائين وارو ميگا پروجيڪٽ رولڙي جي ور چڙهي ويو…!!

Matiari-lahore2

مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائين وارو ميگا پروجيڪٽ ابتدائي مرحلي ۾ ئي رولڙي ۽ بدانتظامي جي ور چڙهي ويو آهي، مٽياري  کان لاهور تائين ٽرانسميشن لائين وڇائڻ واري منصوبي لاءِ گهربل 2 سئو ايڪڙ زمين جي خريداري وارو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، گهربل زمين جي خريداري جي مد ۾ 69 ڪروڙ 50 لک رپيا به جاري ڪيا ويا جيڪي لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي اڪائونٽ ۾ پيل، اڳ تجويز ڪيل زمين مختلف سبب ڄاڻائي رد ٿيڻ بعد فقير نوح هوٿياڻي وٽ 33 کاتيدارن جي 178 ايڪڙ زمين تجويز ڪري حتمي شڪل ڏني وئي پر کاتيدارن سان رسمي ڳالهين کانسواءِ نه ايگريمينٽ ٿي ۽ نه ئي کين رقم جي ادائگي ڪئي وئي، کاتيدارن پاران لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر تي بي اعتمادي، اسان سان دوکو ڪيو پيو وڃي، کاتيدارن جو الزام، ڪمشنر پاران انڊر سيڪشن 6 ۽ 17 لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ تحت نوٽيفڪيشن به جاري، ڄاڻايل نوٽيفڪيشن بعد سرڪار گهربل زمين کي قبضي ۾ وٺي ڪم شروع ڪرڻ جي پابند، بدانتظامي ۽ زمين مهانگي اگھ تي خريد ڪرڻ جا انڪشاف، چيني ماهرن پاران گهربل زمين جي مٽيءَ جا ورتل نمونا ليبارٽري اماڻيا ويا، جتان رپورٽ به اڃا پڌري نه ٿي، رپورٽ موجب ملڪ مان بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سي پيڪ تحت اعلانيل مٽياري کان لاهور تائين ٽرانسميشن لائين وڇائڻ وارو ميگا پروجيڪٽ جيڪو ابتدائي مرحلي ۾ ئي بدانتظامي ۽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، مٽياري-لاهور ٽرانسميشن لائين وڇائڻ ۽ مٽياري جي حد ۾ ڪنورٽر اسٽيشن 660 ڪي وي ايڇ وي ڊي سي پروجيڪٽ ۽ 5 سئو ڪي وي

گرڊ اسٽيشن جي قيام لاءِ گهربل 2 سئو ايڪڙ زمين جي خريداري وارو عمل به اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ وفاقي سرڪار پاران گهربل زمين جي خريداري جي مد ۾ 69 ڪروڙ 50 لک رپين جي رقم پڻ جاري ڪئي وئي آهي جيڪا لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري جي اڪائونٽ ۾ پيل آهي پر ان باوجود زمين جي خريداري وارو عمل لاڳاپيل عملدارن جي غير ذميواري ۽ بدانتظامي سبب مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري منصوبي تي ڪم اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي، چيو وڃي ٿو ته لاڳاپيل منصوبي لاءِ زمين جي خريداري واري عمل ۾ جوڙيل قائدن ۽ قانون جي به لتاڙ ڪئي پئي وڃي، مليل ڄاڻ موجب لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي تجويز تحت 37 لک رپيا في ايڪڙ جي حساب زمين جي خريداري جي مد ۾ رقم جاري ڪئي وئي جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن کان لاڳاپيل آفيسر جي اڪائونٽ ۾ پيل آهي، ڪجھه وقت اڳ سيکاٽ ڀرسان سمان برادري جي زمين کي تجويز ڪيو ويو هو جنهن کي مختلف سبب ڄاڻائي رد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ فقير نوح هوٿياڻي ڀرسان 33 کاتيدارن جي 178 ايڪڙ زرعي زمين تجويز ڪري ان کي حتمي شڪل ڏني وئي ۽ لاڳاپيل اداري جي ماهرن ڄاڻايل زمين جي سروي پڻ ڪئي، جنهن بعد ڄاڻايل زمين تي بور ڪري چيني ماهرن پاران زمين مان مٽيءَ جا نمونا پڻ ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ ورتا ويا هئا پر ان باوجود زمين جي خريداري وارو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، ليبارٽري رپورٽ به اڃا تائين پڌري نه ٿي آهي، ان ڏس ۾ لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر پاران زمين تجويز ڪرڻ باوجود کاتيدارن سان صرف رسمي ڳالهين کانسواءِ ڪابه ايگريمينٽ نه  ڪئي وئي ۽ نه ئي انهن کي ڪا ادائگي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ کاتيدارن پاران پڻ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي مختلف الزام هنيا ويا آهن، مختلف کاتيدارن ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري مسلسل غلط بياني ڪري رهيو آهي  ۽ اسان کي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته آفيسر پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ اسان کي مارائي رهيا آهن، اسان جون ابن ڏاڏن جون زمينون آهن ۽ ڪيترن ئي ايڪڙن جا گڏيل کاتا آهن، جڏهن ته اسان جي زمينن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ جو تيار فصل بيٺل آهي، هنن چيو ته نه اسان سان ايگريمينٽ ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا ادائگي ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اسان کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، جيڪڏهن زبردستي اسان جي زمينن تي قبضا ڪري ڪم شروع ڪيو ويو ته اسان ڀرپور احتجاج ڪنداسين، لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر مٿان هڪ طرف کاتيدارن جا الزام آهن ته ٻئي طرف اهي به انڪشاف ٿيا آهن ته ڪجھ من پسند ماڻهن کان سستي زمين مهانگي اگھ تي خريد ڪري وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالڪريم سنگراسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انڊر سيڪشن 6 ۽ 17 تحت نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اسان کاتيدارن کي 15 ڏينهن جو نوٽيس ڏينداسين ته هو پنهنجا ڪليم داخل ڪن، جنهن کانپوءِ اگھ مقرر ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي ڄاڻايل زمين جي اگهن بابت تعين ڪندي، جيڪڏهن جنهن کاتيدار کي اگھه تي اعتراض هوندو ته اهو ڪورٽ ۾ وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته ڄاڻايل زمين بابت اڃا اگھه طئي نه ٿيا آهن، 37 لک رپيا ايڪڙ اڳ تجويز ڪيل زمين جي حساب سان آيل هئا جيڪا رد ٿي وئي، موجوده زمين جو اگھه بابت جوڙيل ڪاميٽي فيصلو ڪندي، هن چيو ته ڪا به ڪرپشن يا بدانتظامي نه ٿي رهي آهي، ڪجھ ماڻهو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته انڊر سيڪشن 6 ۽ 17 لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ تحت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد سرڪار زمين کي تحويل ۾ وٺي ڪم شروع ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين کي گذارش ڪئي آهي ته کاتيدارن کي ڪڻڪ جي فصل تائين ڇڏيو وڃي،  لاڳاپيل پروجيڪٽ جي ايڪسين غلام مصطفيٰ سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٽياري-لاهور ٽرانسميشن سي پيڪ منصوبي جو هڪ حصو آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ في الحال ڪو به ٽائيم پيرڊ نه آهي، انٽر گورنمينٽ اشوز هوندا جيڪي حل ٿي ويندا ته پروجيڪٽ به شروع ٿي ويندو، هن چيو ته زمين جي خريداري روينيو کاتي جي لاڳاپيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جو ڪم آهي، اسان جو ڪم صرف زمين جي سروي ۽ ان جي مد ۾ رقم رليز ڪرڻ هوندو آهي جيڪي ڪم اسان ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي جڏهن ته انڊر سيڪشن 6 ۽ 17 جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي ته هاڻي دير ٿيڻ نه گهرجي، ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته منصوبي جي شروع ٿيڻ ۾ دير جو واپڊا جي لاڳاپيل اختيارين سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو آهي، جڏهن ته واپڊا جي هڪ ذميوار ذريعي موجب واپڊا چيئرمين پاران لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي ڪارڪردگي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *