Thursday , April 25 2024

مٽياري ڀرسان ٽرالر جو بيٺل ڪوسٽر کي ٽڪر،هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڀاتين سميت17 ڄڻا فوت

هالا (رپورٽر سنڌسماءَچار) مٽياري ويجهو قومي شاهراهه جي ڪناري تي بيٺل ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر کي ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڄڻن سميت 17 ڄاڃي فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آحن، حادثي جو ڪارڻ بڻجندڙ ٽرالر جو ڊرائيور ڀڄي ويو آهي. ڳو ٺ محمد ھاشم زنئورجا ڳوٺاڻا قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهوخان زنئور مان شادي ڪري پنهنجي ماڳ ڏانهن وري رهيا هئا ته رستي ۾ سندن گاڏي جو ٽائر پنچر ٿي پيو. بگو شير بس اسٽا پ وٽ گاڏي جو ٽائر تبديل ڪيو پئي ويو ته پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر بيٺل ڄاڃين جي بس کي زوردار ٽڪر هنيو. بيٺل بس کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن معصو ۾ ٻان ۽ چئن عورتن سميت 17 ماڻهون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جن مان 11 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي. حادثي جي نتيجي ۾ 13 زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايڌي ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ  پهچي ويون، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽  ايس ايس پي مٽياري موٽروي پوليس ۽  ڳوٺاڻن  ترت ئي فوتين جا مڙهه ۽  زخمين کي هالا ، ڀٽ شاهه ۽ مٽياري ۽ حيدرباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو .حادثي جي فوتين ۾ 12 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي .فوتين ۾ شهميرا ، شهنيلا‘، شاهد ، محمد سليم، امتياز ، ايوب ، امين ۽ ٻيا شامل آهن  جڏهن ته زخمين ۾ آفاق ، فضيلا ‘،شهناز ‘ ماجد ‘ ميرزادي ‘ثمينه ‘ شميم ‘ ام عليشاه شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *