Thursday , April 18 2024

مٺي ۾ ٻه واپاري ڀائر قتل،نوٽيس ڪنهن نه ورتو، ميرپور خاص ۾ جو جلسو

مٺي( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جمعي ڏينهن صبح جو مٺي شهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي سندن دوڪان آڏو گولين جي بک بڻائي سندن زندگي جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڀائرن جي سڃاڻپ دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار جي نالن سان ڪئي وئي. شهرين جو چوڻ آهي ته، هندو واپاري ڀائرن کي گوليون لڳڻ بعد مرڻينگ حالت ۾ مٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ئي پي ويو ته سندن زندگي جو داڳو ڇڄي پيو. ٻنهي ڀائرن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمارجي قتل واري واقعي کانپوءِ مٺي شهر سوڳ ۾ بند ٿي ويو، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قتل جا اصل ڪارڻ ظاهر ڪيا وڃن. مٺي جي ڪجهه هندو ۽ مسلمانن نالا نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته، هي قتل ڦر جي واردات نه ٿي لڳي. شڪ آهي ته علائقي جو امن تباهه ڪرڻ جا سازش آهي.

ٻي طرف پيپلز پارٽي پاران ميرپور خاص ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي، جنهن کي آصف زرداري، فريال ٽالپر، نثار کهڙو، سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ خطاب ڪندا. ميرپور خاص ڊويزن جو ڪو به پ پ اڳواڻ اڃا تائين مارجي ويل هندو ڀائرن جي وارثن وٽ ناهي پهتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *