Thursday , March 28 2024

مٺي ۾ قتل ڪيل چندر ڪمار ۽ دليپ مهيشوري جا قاتل سهولتڪار سوڌو سوگها

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مٺي ۾ قتل ڪيل ٻن واپاري ڀائرن جي قتل ۾ ملوث سهولتڪار سميت 3 جوابدار گرفتار، گهور وزير سهيل انور سيال ۽ آءِ جي سنڌ چيو آهي ته، واقعو نج ڏوهاري قسم جي ڪارروائي آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ان بنياد تي وڌيڪ سموريون حقيقتون به پڌريون ڪيون وينديون.

مٺي ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجا پريس ڪانفرنس دوران مقتول واپاري ڀائرن چندر ڪمار ۽ دليپ مهيشوري جي گرفتار ڪيل ٻن قاتلن ۽ سندن هڪ مددگار  کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته، جوابدارن ۾ ميرپورخاص واسي نظر مڪراني، بهرام لاشاري ۽ مٺي واسي سهولتڪار الهورايو عرف ڪيلو عمراڻي شامل آھن. جوابدارن جي قبضي مان واقعي ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪل سميت ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايس ايس پي مٺي جي آفيس ۾ گهرو وزير سهيل انور سان گڏ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مٺي قتل واقعي جا مک جوابدار ميرپورخاص واسي نظر مڪراني ۽ بهرام لاشاري آھن ۽ سندن سهولتڪاري مٺي جي ڳوٺ نيڻي سر واسي الهورايو عرف ڪيلي عمراڻي ڪئي. جيڪو ڀرپاسي جي دڪانن تي هميشه ويٺل رهندو هو ۽ ان رينڪي ڪري ڏوهارين کي گهرائي واردات ڪرائي، واردات بعد کين پناهه ڏني. اي ڊي خواجا چيو ته ڏوهارين ۽ سهولتڪارن وٽان واردات ۾استعمال ٿيل هٿيار. موٽر سائيڪل، ڦر ٿيل سامان ۽ ٻيون ثابتيون هٿ ڪيون ويون آھن ۽ ڏوهارين پوليس آڏو واردات ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آھي. هن چيو ته مٺي قتل واقعي جون هندو مسلم تضاد يا ذاتي دشمني سان ڪي به ڪڙيون نه ٿيون ملن.

واقعو ڦر جي واردات آھي ۽ ڏوهارين ڦر دوران مزاحمت تي واپاري ڀائرن کي قتل ڪيو نه ته سندن قتل ٽارگيٽ نه هو. هن چيو ته مک جوابدار گرفتار ۽ ڪليئر ٿي ويا آھن پر اڃا به وڌيڪ جاچ لاءِ ايس ايس پي ٿرپارڪر امير سعود مگسي. ڊي  ايس پي ميرپورخاص انور علي لاکو ۽ ٻين تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي آھي جيڪا جاچ مڪمل ڪري وڌيڪ ذميوران ۽ سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جاچ جا سمورا تفصيل ڪجهه قانوني مسئلن جي ڪري نه ٿا ٻڌائي سگهون. هن چيو ته مقتولن جي وارثن کي مڪمل تحفظ ڏيئي جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهاري وارداتن جو خاتمو سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي جو نتيجو آھي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي ميرپورخاص مظھر نواز شيخ قتل واقعي جي جاچ ۾ ورتل ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان قتل واقعي جي جاچ ۾ 2 لک ماڻھن جي ٽيليفونن جي تصديق ڪئي ۽ اڍائي هزار ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ٻاهرين ضلعن جي ملازمن  کان پڻ جاچ ڪئي. هن چيو اسان مختلف رخن ۽ ٽيڪنيڪل پهلوئن تي جاچ ۾ مختلف فورس جي ادارن. نادرا. ايڪسائيز. ۽ ٻين ادارن کان به مدد حاصل ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *